Share this link via
Personality Websites!
ٿو، ھتان کان علاوه جيڪڏهن ٻيو ڪٿي صرف گوشت ۽ پاڻي تي گذارو ڪيو وڃي ته اِهو طبيعت کي موافق نه ٿيندو.
خير! حضرت ابراہيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم پنھنجي نئين نُنهَن جي شڪر گذاري ۽ نيڪ طبيعت کان تمام گهڻو خوش ٿيا ۽ فرمايائون: جڏھن اسماعيل اچي ته ان کي منھنجا سلام ڏجانءِ ۽ چئجانس ته:
يُثْبِتُ عَتَبَةَ بَابِهِ
ترجمو: پنھنجي گھر جي چانئٺ کي ثابت رکو ...!!
اِھو چئي حضرت ابراہيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم واپس تشريف وٺي ويا. جڏھن حضرت اسماعيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم گھر تشريف کڻي آيا ته اڄ وري ہوائن ۾ ڄاتل سڃاتل خوشبو ھئي، خاص قسم جا انوار ۽ تجليون ھيون. زوجه کان پڇيائون: ڇا اڄ ڪو آيو ھو؟ عرض ڪيائين: جي ھا! ھِن شڪل ۽ صورت جا ھڪ بزرگ تشريف کڻي آيا ھئا. تمام گهڻا حَسِين ھئا، ڏاڍا نيڪ طبيعت ھئا. پوءِ سندن زوجه پاڪ کين سمورو تفصيل ٻڌايو. سڀ ڳالھيون ٻڌي حضرت اسماعيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم فرمايو: اُھي منھنجا والدِ محترم حضرت ابراہيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ھئا، اُھي حڪم ڏئي ويا آھن ته توکي پنھنجي نڪاح ۾ برقرار رکان ...!![1]
حضرت اسماعيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي ھي ئي زوجه محترمه آھي، جن جي اولاد مان تمام جھانن جي مالڪ ۽ مختار، نبين جي سردار، مڪي مدني تاجدار صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي ولادتِ باسعادت ٿي ۽ حضرت اسماعيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي ان نيڪ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami