Share this link via
Personality Websites!
سُومَر ۽ (جُمِعرات) خميس جو روزو رکڻ سنتِ مصطفيٰ آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! سُومَر ۽ خميس جو روزو رکڻ سنتِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم آھي. مسلمانن جي پياري امِي جان حضرت عائشه صديقه رَضِیَ اللہُ عنہا فرمائن ٿيون: منھنجا سرتاج، صاحبِ معراج صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم سُومر ۽ جمعرات (خميس) تي اھتمام سان روزو رکندا ھئا. ([1])
اسان کي به گھرجي ۽ صحت اجازت ڏئي ته سومر ۽ خميس جو روزو اھتمام سان رکندا ڪريون اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! سنت تي عمل سان گڏوگڏ بي شمار برڪتون نصيب ٿينديون. پر ياد رکو! * جيڪڏهن نفلي روزن جي ڪري ڪم ڪار ڪرڻ ۾ سستي پيدا ٿئي ته روزو رکڻ جي اجازت نه آھي * جتي به نفلي روزي جي سبب ڪنھن افضل ڪم ۾ حرج واقع ٿئي ته اتي روزو نه رکجي (مثلاً جيڪڏهن ڪنھن اسلامي ڀاءُ جي ذميداري اهڙي قسم جي آھي جتي عوام سان ڪثرت سان واسطو پوندو آھي ۽ روزو رکڻ سان سندس مزاج ۾ تُرشي پيدا ٿيندي هجي ته جيتوڻيڪ ڪم پورو ٿي ويندو هجي پر ماڻھن سان بداخلاقي کان بچڻ نفلي روزن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ضروري آھي) * ماءُ پيءُ جيڪڏهن پُٽَ کي نفلي روزي رکڻ کان ان ڪري منع ڪن ته بيماري جو انديشو آھي ته والدين جي اطاعت ڪرڻ گهرجي * مُڙس جي اجازت کان سواءِ زال نفلي روزو نه ٿي رکي سگھي. ([2])
مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب بهار شريعت جلد: 3 مان حصو 16 ۽ شيخ طريقت، امير اهل سنت مولانا الياس
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami