Share this link via
Personality Websites!
دعوتِ اسلامي جي هڪ شعبي جو تعارف: المدينة العلميه
پيارا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي عاشقانِ رسول جي عالمي تنظيم آھي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! ڪيترن ئي شعبن جي ذريعي قرآن و سنت ۽ فلاحِ امت ۽ فروغ علمِ دين ۾ پيش پيش آھي. انھن ئي شعبن مان ھڪ شعبو المدينة العلميه (اسلامڪ ريسرچ سينٽر Islamic Research Centre) به آھي.
ھي شعبو 2 شاخن (Branches)، جي 30 ذيلي شعبن (sub-sectors) ۾ تقريباً 126 کان وڌيڪ علماءِ ڪِرام جي ذريعي تصنيف و تاليف ۽ ترجمي ۽ تحقيق وغيره جو ڪم ڪرڻ ۽ مسلمانن کي درست اسلامي لٽريچر (Literature) پھچائڻ ۾ مصروف آھي.
اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! ھڪ اندازي مطابق قرآن وحديث ۽ ديني معلومات تي مشتمل، نھايت عمدہ، ۽ ديده زيب ٽائيٽل سان ھي ادارو هن وقت تائين تقريباً 2108 ڪتاب ۽ رسالا شايع ڪري چڪو آهي يا ويب ايڊيشن (Webedition) ڏئي چڪو آھي. توھان المدينة العلميه جا سمورا ڪتاب مڪتبة المدينه تان ھارڊ ڪاپي (Hard copy) جي صورت ۾ يا دعوتِ اسلامي جي ويب سائيٽ (www.dawateislami.net) تان سافٽ ڪاپي (Soft copy) ۾ حاصل ڪري سگھو ٿا. الله پاڪ دعوتِ اسلامي جي ھن تحريري ۽ تصنيفي شعبي کي برين نظرن کان محفوظ فرمائي. اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami