Share this link via
Personality Websites!
خوش ٿيڻ (6): سندن سامھون دَٻيل رھڻ ته ڪٿي ڪا بي ادبي نه ٿي وڃي. (7): انهن جي سامھون آواز بلند نه ڪرڻ. (8): انهن کي تيز نظرن سان نه گهُورِڻ (9): سندن اڳيان نه ھلڻ (10): کين نالو کڻي سڏ نه ڪرڻ (11): ۽ انهن جي طرفان جيڪو به ڏک يا تڪليف پھچي، ان تي صبر، صبر ۽ بس صبر ئي ڪندو رهڻ. ھي سڀ ماءُ پيءُ جا حق آھن.
پيارا اسلامي ڀائرو! ان کان علاوه اسان تي والدين جا ڪھڙا ڪھڙا حق لازم آھن، اسان کي ان جي باري ۾ به معلومات ھئڻ گھرجي. اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ جو ھڪ تمام پيارو رسالو آھي: اَلْحُقُوقُ لِطَرْحِ الْعُقُوقِ. مڪتبة المدينه ان کي آسان ڪري والدین، زوجین اور اساتذہ كے حقوق جي نالي سان شايع ڪيو آھي. ھي رسالو مڪتبة المدينه جي ڪنھن به شاخ تان 115 روپين ۾ قيمتاً طلب فرمايو. اهڙي طرح اميرِ اھلسنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَت بَرَکَاتُہم الْعَالِیَہ جو تمام پيارو رسالو سامونڊي گنبذ، 30 روپين ۾ قيمتاً طلب فرمايو يا دعوتِ اسلامي جي ويب سائيٽ (www.dawateislami.net) تان فري ڊائون لوڊ ڪريو.
ھي ٻئي رسالا والدين جي حقن جي معلومات لاءِ ڪافي مفيد آھن، اسان کي انهن جو مطالعو ضرور ڪرڻ گھرجي. الله پاڪ اسان کي ماءُ پيءُ جا حق ادا ڪرڻ ۽ سڄي زندگي سندن شڪر گذار ٿي رھڻ جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami