Share this link via
Personality Websites!
والدين جي سَڏِڻ تي دير نه ڪريو!
پيارا اسلامي ڀائرو! والدين پڪارين ته جواب ڏيڻ ۾ ھرگز دير نه ڪرڻ گھرجي، ڪجھ ماڻھو ھن ۾ سخت لاپرواھي کان ڪم وٺندا آھن، ماءُ آواز ڏئي رھي آھي، ھي پنھنجي ڪم ۾ مگن آھن يا موبائل (Mobile) ۾ گُم آھن، ماءُ جي سَڏَ جو جواب ئي نه ڏئي رھيا آھن، ڪجھ ماڻھو پھريون ھڪ ٻه سَڏُ ته ٻُڌو اَڻَ ٻُڌو ڪري ڇڏيندا آھن، جڏھن ماءُ ويچاري رڙيون ڪندي آھي تڏهن وڃي جواب ڏيندا آھن، اِھا سخت بي ادبي آھي، جيڪي ماڻھو والدين جي سڏڻ تي خوامخواہ بي توجھي (No Lift) جو مظاھرو ڪري سندن دل ڏکوئيندا آھن اُھي سخت گنھگار ۽ عذابِ نار جا حقدار آھن. ماءُ آخر ماءُ آھي، جيڪڏهن ڪڏهن غلطيءَ ۾ ئي سندس زبان مان بددعا نڪري وڃي ۽ قبوليت جي گھَڙي ھجي ته اولاد آزمائش ۾ پئجي ويندي آھي. منقول آھي ته: ھڪ شخص کي سندس ماءُ سڏ ڪيو پر هُن کيس جواب نه ڏنو، ان تي سندس ماءُ کيس بددعا ڏني ته ھو گُونگو ٿي ويو. ([1])
ماءُ پيءُ جو ٽيون حق آھي: انهن تي خوب خرچ ڪرڻ.
مثلاً سندن کائڻ پيئڻ جو بھترين انتظام ڪرڻ * جوتا، ڪپڙا وغيره خريد ڪري ڏيندو رھڻ * طاقت آهر ميوا وغيره پيش ڪرڻ * بيمار ھجن ته سٺي ڊاڪٽر کان چيڪ اپ ڪرائڻ، دوائون وغيره وٺي ڏيڻ * حسبِ توفيق کين جيب خرچ طور رقم ڏيڻ ته جيئن ھُو جتي چاھن خرچ فرمائن. مطلب ته
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami