Share this link via
Personality Websites!
سندن دل نه ڏکائڻي آهي پر اهڙي صورتحال ۾ به ساڻن ڀلائي سان ئي پيش اچڻو آھي، مثلاً امِي جان چئي ٿي ته: پُٽَ! ڏاڙھي ڪُوڙائي ڇڏ! ھاڻي پٽ کي ادب سان چوڻو آھي: امِي جان! اوھان جو حڪم اکين تي پر مان ڏاڙھي نه ٿو ڪُوڙائي سگھان، اِن ۾ الله ۽ رسول جي ناراضگي آھي.
* ھاڻي ان ڳالهه تي ماءُ پيءُ دڙڪا ڏين ته خاموشيءَ سان ٻڌجن * جيڪڏهن مارَ ڏين ته چپ چاپ مار کائي وٺو * ڳالھائڻ ٻولهائڻ بند ڪري ڇڏين ته وقفي وقفي سان، حڪمتِ عملي سان، چاچي يا مامي وغيره جي حمايت سان کين مڃائڻ جي ڪوشش ڪريو، بي ادبي ڪنهن به صورت ۾ نه ڪرڻي آهي، ھر حال ۾ انهن سان ڀلائي ڀلائي ۽ ڀلائي سان ئي پيش اچڻو آھي.
(2) نفلي عبادت کان وڌيڪ اهميت ڏيڻ
والدين جو ٻيو حق آھي: سندن حڪم کي نفلي عبادت کان وڌيڪ اھميت ڏيڻ. ([1])
مثال طور * دل ڪري رھي ھئي ته سڀاڻي نفلي روزو رکان، پر ماءُ پيءُ منع ڪري ڇڏيو ته سندن ڳالھ مڃڻي پوندي * دل چاھي ٿي ته هن وقت نفل پڙهان، پر امي جان ڪيڏانهن وڃڻ، مثلاً بازار مان سودو وغيره آڻڻ جو فرمايو ته ھاڻي نفل پوءِ پڙھڻو آهي، پھريان انهن جو حڪم مڃڻو آھي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami