Share this link via
Personality Websites!
جو جواب ته اِھو ئي ھو ته ھُو توبہه ڪري، پوءِ اوھان کانئس ماءُ جي باري ۾ ڇو پڇيو؟ فرمايائون: ان ڪري ته منھنجي معلومات مطابق الله پاڪ کي راضي ڪرڻ جو سڀ کان بهترين ذريعو ماءُ سان ڀلائي ڪرڻ آھي (تنهنڪري جيڪڏهن سندس ماءُ زندهه ھجي ها ته مان کيس چوان ھا ته ماءُ جي خدمت ڪر! الله پاڪ تنهنجا سمورا گناھ بخشي ڇڏيندو). ([1])
حقيقت ته ھيءَ آھي ته والدين جا حق ڪنھن به صورت ۾ادا نه ٿا ٿي سگھن، بھرحال! علماءِ ڪِرام فرمائن ٿا: ڪجھ ڳالھيون آھن، ٻانهو جيڪڏهن انھن تي عمل ڪري ته والدين سان ڀلائي ڪرڻ وارو سڏيو ويندو: ([2])
پھريون حق آھي: شريعت جي دائري ۾ رھندي والدين جي ھر ڳالھ مڃڻ.
يعني والدين جي ھر ڳالھ مڃڻي آھي، جيڪو ڪجهه اُھي چون، فوراً لبيڪ چئي سندن حڪم تي عمل ڪرڻو آھي. اهڙا ڪيترائي ڪم آھن جيڪي عام حالتن ۾ جائز جي حد تائين آھن پر والدين جو حڪم اچي وڃي ته واجب ٿي ويندا آھن. مثلاً * کاڌو کائڻ حلال آھي، مباح آھي، ماڻهو نه کائي ته به گناھ نه آھي، پر جيڪڏهن ماءُ پيءُ کائڻ جو حڪم فرمائن ته ھاڻي کائڻ واجب ٿي ويندو، نه کائيندو ته گنھگار ٿيندو. ([3]) * اهڙي طرح بھارِ شريعت ۾ آھي:
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami