Share this link via
Personality Websites!
يعني ماءُ جي ڪري ايمان ڇڏي الله ۽ رسول جي نافرماني ته ھرگز ڪرڻي نه آهي پر اِن جو اِھو مطلب به نه آھي ته ايمان جي لاءِ ماءُ کي جهڻڪيو وڃي، سندن سامھون رَڙيون ڪيون وڃن يا ٿانوَ کڻي اڇلايا وڃن، پر فرمايو ويو:
وَ صَاحِبْهُمَا فِی الدُّنْیَا مَعْرُوْفًا٘- (پارو: 21، سورة لقمٰن: 15)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ دنيا ۾ چڱي طرح انهن جو ساٿ ڏي
جيتوڻيڪ ھڪ طرف ايمان ۽ ٻئي طرف ماءُ آھي، اهڙي حالت ۾ ايمان به نه ڇڏڻو آھي ۽ ماءُ جي بي ادبي به نه ڪرڻي آهي، سندن ادب ئي ڪرڻو آھي.[1]
اَللہُ اَکْبَر! پيارا اسلامي ڀائرو! ھي ماءُ پيءُ جو ادب آھي. پر افسوس! اڄڪلهه ته ماڻھو ماءُ پيءُ کي گاريون به ڏيندا آھن، سندن سامھون رڙيون ڪندا آھن، انهن جي سامھون بيهي بَڙ بَڙ ڪندا رھندا آھن، سندن پَر پُٺِ برايون بيان ڪندا رهندا آهن، دوستن جي ڪچهريءَ ۾ ماءُ پيءُ کي جلاد ۽ خبر ناهي الائي ڇا ڇا چئي غيبت ڪرڻ جو گناھ ڪمائيندا رھندا آھن. الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي. جهڙي طرح اڄ صديون گذرڻ کان پوءِ به حضرت اسماعيل علیہ السلام جي پاڪيزه سيرت مان سبق حاصل ڪري اسان قربانيون ڪري رهيا آھيون، لکين روپين جا جانور خريد ڪري ذبح ڪري رهيا آهيون، اهڙي طرح سندن پاڪيزه سيرت مان ماءُ پيءُ جو ادب ڪرڻ به سِکون! ۽ نيڪ ۽ فرمانبردار اولاد بڻجي وڃون!
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami