Share this link via
Personality Websites!
افسوس! ڪيڏي نه نادان اولاد آھي جو عشقِ مجازي جي گناھن ڀَري ڄارَ ۾ ڦاسي اهڙيون اهڙيون حرڪتون ڪري ويھندي آھي. الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي. ماءُ پيءُ جو تمام وڏو شان آھي. سندن ھر حال ۾ ادب ئي ادب ڪرڻو آھي.
پيارا اسلامي ڀائرو! اوھان قرآن ڪريم جون پاڪيزه تعليمات ڏسو! حضرت سعد بن ابي وقاص رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ صحابئ رسول آھن، پاڻ جڏھن ڪلمو پڙهيائون ته کين ڏاڍي مشڪل پيش آئي، هُونئن ئي مڪي پاڪ ۾ جيڪو به مسلمان ٿيندو ھو، ان تي تڪليفن جا جبل ٽوڙيا ويندا ھئا پر حضرت سعد بن ابي وقاص رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کي ھڪ الڳ قسم جي مشڪل پيش آئي، سندن والدہ ان وقت اڃان مسلمان نه ٿي ھئي، انهن حضرت سعد رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کي چيو: اي سعد! توکي اِھو دين ڇڏڻو پوندو، جيڪڏهن تون اِھو دين نه ڇڏيو ته مان کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏيندِيَس ۽ بُک سبب مري وينديس ۽ ماڻھو توکي ماءُ جو قاتل چوندا.
ھاڻي ڏسو! ھڪ طرف ماءُ آھي، ٻئي طرف ڪا دنياوي خواہش نه آھي، پر ايمان آھي. اهڙِي حالت ۾ قرآن ڪريم کين نصيحت ڪئي، حڪم ٿيو:
فَلَا تُطِعْهُمَا وَ صَاحِبْهُمَا فِی الدُّنْیَا مَعْرُوْفًا٘- (پارو: 21، سورة لقمٰن: 15)
ترجمو ڪنزالعرفان: ته انهن جو چوڻ نه مڃ ۽ دنيا ۾ چڱي طرح انهن جو ساٿ ڏي
يعني اي سعد (رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ)! ماءُ جو اِھو ضد ته پورو نه ٿو ڪري سگھجي،
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami