Share this link via
Personality Websites!
حضرت اسماعيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي اِطاعت گذاري
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت اسماعيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي واقعي تي وڌيڪ غور فرمايو! حضرت ابراہيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم تشريف کڻي آيا، شہزادي سان ملڻ کان سواءِ ئي واپس تشريف وٺي ويا، صرف غائبانه طور پيغام پھچايائون: يُغَيِّرْ عَتَبَةَ بَابِهِ يعني پنھنجي دروازي جي چانئُٺِ بدلائي ڇڏ...!![1]
حضرت اسماعيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي اطاعت جو جذبو ڏسو ڪهڙو ھو، پاڻ والد صاحب جي ھِن غائبانه نصيحت تي فوراً عمل ڪيائون ۽ زال کي طلاق ڏئي ڇڏيائون (طلاق ڇو ڏياري وئي، ان جي وضاحت مان عرض ڪري چڪو آھيان).
افسوس! اڄڪلهه جا نوجوان گناھن ڀري عشقِ مجازي جي ڄار ۾ ڦاسي ماءُ پيءُ جي نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيندا آھن (يعني کين تمام گهڻو ستائيندا آھن) * مان ته فلاڻي ڇوڪِريءَ سان ئي شادي ڪندس، نه ته زھر پِي ڇڏيندس، ھن قسم جون ڌمڪيون ڏنيون وينديون آھن * نوجوان گھر ڇڏي هليا ويندا آھن * ماءُ پيءُ کي خوب بليڪ ميل (Blackmail) ڪيو ويندو آھي * ڪجهه نادان ته گھران ڀڄي لِڪي ڇُپي نڪاح به ڪري ڇڏيندا آھن * ۽ اهڙيون خبرون به ٻڌڻ ۾ اينديون آھن ته فلاڻي جي جيئن ته پسند جي شادي نه پئي ڪرائي وئي، تنهنڪري هُن ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي ماءُ پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو...!!
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami