Share this link via
Personality Websites!
جڏھن حضرت اسماعيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم واپس تشريف کڻي آيا ته پاڻ (ہوائن، فضائن ۽ گھر جي درن ۽ ديوارن ۾) پنهنجائپ محسوس ڪيائون.[1]
توهان ٿورو پُٽَ جو پنھنجي والد صاحب سان جذباتي لڳاءُ ڏسو! ڪيڏو ڪمال جو لڳاءُ آھي، ڪيڏي بي مثال محبت آھي، صرف ہوائن ۾ موجود خوشبوءِ مان والد صاحب جي آمد کي سڃاڻي رھيا آھن.
افسوس! اڄ اسان وٽِ حالتون تمام گهڻيون خراب آھن * اسان وٽِ ته ماءُ پيءُ گھر ۾ ئي موجود ھوندا آھن، پوءِ به سندن ڀرسان ويھڻ نصيب نه ٿيندو آھي * امي جان بيمار ٿي پونديون آھي، پٽ کي خبر ئي نه پوندي آھي *سڄي رات بابو سائين بخار ۾ ٻَرندو رھيو، بار بار کَنگهندو رهيو ۽ پُٽُ آھي جو بي فڪر ٿي سمهيو پيو آھي * ماءُ پيءُ وٽِ ڪڏھن ڪڏھن ڪپڙا نه ھوندا آھن، ويچارا ھڪ ئي وڳو بار بار ڌوئي ڌوئي پائيندا رھندا آھن ۽ پُٽن کي خبر به نه پوندي آھي * امِي جان جي چپل ڇِڄِي پئي آھي، اِھو به امي جان ٻڌائينديون تڏهن ئي معلوم ٿيندو، جي نه ته خبر به نه پوندي آھي. غلطي پنھنجي هوندي آھي پر اڄڪلهه جا پُٽَ اُلٽو ماءُ پيءُ کي ڳالهائيندا آھن: توھان مون کي ڇو نه ٻڌايو ...؟ اوھان کي پئسن جي ضرورت ھئي ته مون کان ڇو نه گھريا ...؟ توھان بيمار ھئا ته مون کي اطلاع ڇو نه ڏنو ...؟
اڙي ڀاءُ ...! ٿورو ٿڌي دماغ سان سوچيو! جڏھن اسان ننڍا هوندا ھئاسون ته ڇا سرديون اچڻ کان پھريان اسان جي سردين جا ڪپڙا تيار نه ٿي ويندا ھئا؟ گرميون اچڻ کان پھريان اسان لاءِ گرمي جو سامان مھيا نه ڪيو ويندو ھو؟ اُن
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami