Share this link via
Personality Websites!
عرض ڪريان ٿو، تجربو شرط آھي، ھي نسخو اپنايو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڪجھ ئي عرصي ۾ اِن جو اثر اوھان پنھنجين اکين سان ڏسندؤ. اُھو نسخو ڪهڙو آھي؟ پنھنجي گھر ۾ پردي جي احتياطن سان (مثلاً ماساتِن، پُڦاٽِن، سؤٽِن کان پردو ڪندي) سڀني گهَر وارن کي جمع ڪري فيضانِ سنت جو درس ڏيڻ جي عادت بڻايو!
روزانو درس ڏيو! ھڪ وقت مقرر ڪري ڇڏيو! ان ئي وقت ڪو درس ۾ موجود ھجي يا نه ھجي، پابندي سان درس ڏيندا رھو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! جلد ئي پنھنجي ۽ اھلِ خانه جي ڪردار ۾ واضح ۽ مثبت تبديلي ڏسڻ ۾ ايندي. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
والد صاحب کي خوشبو مان سڃاڻي ورتائون
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان حضرت ابراہيم ۽ حضرت اسماعيل عليہما السلام جو تفصيلي واقعو ٻڌو. ھن واقعي ۾ حضرت اسماعيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي بي مثال ڪردار تي ٿورو غور فرمايو! پاڻ گھر ۾ موجود نه ھئا، والد صاحب يعني حضرت ابراہيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم تشريف کڻي آيا، ساڻن مليا به نه، کين پري کان ڏٺائون به نه، تنهن جي باوجود به جڏھن پاڻ گھر پھتا ته صرف ہوائن ۾ موجود خوشبوءِ مان سڃاڻي ورتائون ته ھجي نه ھجي، اڄ والدِ محترم تشريف کڻي آيا ھئا. ھِي باقاعدہ بخاري شريف ۾ حديث پاڪ جا الفاظ آھن ته:
فَلَمَّا جَاءَ اِسْمَاعِيلُ كَاَنَّهُ آنَسَ شَيْئًا
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami