Share this link via
Personality Websites!
* آخرت بابت غور ۽ فڪر ڪرڻ دل ۾ نور پيدا ڪري ٿو.
جائزي وٺڻ جي عادت بڻائڻ جا طريقا
* موت کي ڪثرت سان ياد ڪريو. * دل ۾ الله جو خوف وڌايو. * نفس جو جائزو وٺڻ بابت بزرگن جا واقعا پڙهو. * قيامت جي حساب کي ياد ڪريو ته اڄ جيڪڏهن پنهنجو جائزو وٺي نيڪ عمل نه ڪيا ته قيامت جي ڏينهن جڏهن سج باهه وسائي رهيو هوندو، زمين تانبي جي هوندي، نفسانفسي جو عالم هوندو، ته الله پاڪ جي بارگاهه ۾ حساب ڪيئن ڏينداسين؟ مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: حَاسِبُوا اَنْفُسَکُم قَبْلَ اَنْ تُحَاسَبُوا يعني پنهنجي نفس جو محاسبو ڪريو ان کان پهريان جو اوهان جو حساب ورتو وڃي[1]. * پنهنجي عملن جو جائزو وٺڻ جي عادت بڻائڻ جو بهترين طريقو هي به آهي ته ان لاءِ وقت مقرر ڪري وٺو! پوءِ روزانو مقرر وقت تي پنهنجي عملن جو جائزو وٺندي، ”نيڪ اعمال“ رسالي جا خانا پُر (Fill) ڪريو.
پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان نيڪ عمل نمبر 15 جي مطابق ”پنهنجو جائزو وٺڻ“ جي عنوان تي مفيد ترين معلومات حاصل ڪئي، اچو نيت ڪريون ٿا ته روزانو پنهنجو جائزو وٺندي ”نيڪ اعمال“ جو رسالو ڀرينداسين(يعني پُر ڪنداسين).“
الله پاڪ عمل جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
سکڻ سيکارڻ جي حلقن ۾ ياد ڪرائڻ واري دعا
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami