Share this link via
Personality Websites!
جواب هي ناهي. ڪنهن عرض ڪيو: روزو. فرمايائون: روزو بهترين عبادت آهي پر منهنجي سوال جو جواب هي ناهي. ڪنهن چيو: راههِ خدا ۾ جنگ ڪرڻ. فرمايائون: تمام اعليٰ عبادت آهي پر منهنجي سوال جو جواب هي ناهي. هاڻي رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پاڻ ئي فرمايو: اَوْثَقُ عُرَی الْاِیْمَانِ اَلْحُبُّ فِی اللہِ يعني ايمان جي سڀ کان مضبوط رسي الله پاڪ جي رضا لاءِ محبت ڪرڻ آهي.)[1](
الله اکبر! پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي اسلام جو مزاج...!! الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن، نبين ۽ ولين سان محبت ڪرڻ ايمان جي سڀ کان مضبوط رسي آهي.
خبر پئي: الله جي نيڪ ٻانهن جي محبت دل ۾ لاهي ڇڏڻ، انهن سان پنهنجو روحاني تعلق مضبوط کان مضبوط تر ڪندو وڃڻ، هي اسلام جو مزاج آهي ۽ حج اها عظيم عبادت آهي جيڪا شروع کان آخر تائين الله جي نيڪ ٻانهن جي ياد تي مشتمل آهي* ڪعبو شريف حضرت ابراهيمعَلَيۡهِ السَّلَام تعمير ڪيو، ان جو طواف ڪيو ويندو* حجرِ اسود حضرت آدمعَلَيۡهِ السَّلَام جنت مان کڻي آيا هئا، ان کي چميو ويندو آهي* صفا مروه جي سعي ۾ حضرت هاجره رَضِیَ اللهُ عَنْهَا جي ڊوڙڻ جي ياد آهي *منيٰ ۾ قرباني ڪئي ويندي آهي، هي حضرت اسماعيل عليه السلام جي قرباني جي ياد آهي *جمرات کي پٿريون هنيون وينديون آهن، هي حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي ياد آهي مطلب ته الله جي نيڪ ٻانهن، نبين ۽ ولين جي مختلف يادگيرن کي ادا ڪرڻ جو نالو حج آهي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami