Share this link via
Personality Websites!
حڪمتون ڇا هونديون؟ بظاهر سمجهه ۾ ناهي ايندو، چوڻ جو مقصد اهو آهي ته ٻين عبادتن ۾ آخرت جي فائدي سان گڏ سائنسي فائدا به موجود آهن، عقل به تقاضا ڪري ٿو ته * اسان کي وضو ڪرڻ گهرجي * نماز پڙهڻ گهرجي * زڪوات ڏيڻ گهرجي * روزو رکڻ گهرجي. ڪيترائي غير مسلم آهن جيڪي عبادت جي طور نه پر علاج جي لاءِ وضو ڪندا آهن، ڪيترا ئي غير مسلم جيتوڻيڪ زڪوات ناهن ڏيندا پر غريبن کي مال ڏيندا آهن، ڪيترا ئي غير مسلم آهن جيڪي عبادت جي طور تي نه پر علاج لاءِ ڊائٽنگ ڪندا آهن پر حج اها نرالي عبادت آهي جتي عقل جا تقاضا ختم ٿي ويندا آهن ۽ عشق جا تقاضا شروع ٿي ويندا آهن، حج سراپا عشق آهي * وڏا وڏا مالدار * هزارين رپين جا ڪپڙا پائيندڙ* هيئر اسٽائل تي هزارين رپيا خرچ ڪندڙ * ٻه اڻ سبيون چادرون پائي ڪڏهن ڪعبي جو طواف ڪري رهيا آهن* ڪڏهن صفا ۽ مروه جا چڪر لڳائي رهيا آهن * ڪڏهن ميدانِ عرفات ۾ ويندا آهن*ڪڏهن شيطانن کي پٿريون هڻندا آهن ۽ * آخر ۾ مٿو ڪوڙائيندا آهن هي ڇا آهي؟ هي عشق جو اظهار آهي، هي پنهنجي ربّ سان، پنهنجي خالق و مالڪ سان محبت جو اظهار آهي. حج تي وڃي ٻانهو پنهنجي عمل سان هن ڳالهه جو اعلان ڪندو آهي ته مان عقل جو پوڄاري ناهيان، مان پنهنجي ربّ جي، پنهنجي محبوب نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي هر ڳالهه کي ڪنهن به ڇو، ڇا چوڻ بغير دل سان تَسليم ڪندڙ آهيان، ۽ اهو ئي اسلام جو مزاج آهي.
حڪمتون پنهنجي جاءِ تي پر اصل اسلام جو مزاج اهو ئي آهي ته ٻانهو پنهنجون سوچون، پنهنجا عقلَ ۽ پنهنجن خواهشن کي مٽائي پنهنجي ربّ جي فرمان اڳيان مٿو جهڪائي ڇڏي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami