Share this link via
Personality Websites!
بھیک بے مانگے فقیروں کو جہاں ملتی ہو دونوں عالَم میں وہ دروازہ ہے کس کا تیرا([1])
وضاحت: اي مڪي مدني آقا، ٻنهي جهانن جا داتا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! سمورن انسانن، جنن ۽ ملائڪن کي توهان تي ڀروسو آهي، توهان جو در سڀني لاءِ موٽڻ جي جاءِ آهي ۽ اميد آهي، دنيا ۾ وڏي وڏي مرتبي وارا ماڻهو توهان جي در جا سوالي آهن. توهان جو صدقو ئي جهان ۾ ورهايو پيو وڃي ۽ توهان جو در ته اهو در آهي جتي سوالِن کي بنا گهرڻ جي ملي وڃي ٿو. ڇا دنيا ۾ ڪو اهڙو در آهي جتان کان بنا گهرڻ جي ملي وڃي، نه، هرگز ناهي.
مقامِ ابراهيم بهترين سجده گاهه آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ مقامِ ابراهيم کي مصلّو بڻائڻ جو حڪم ڏنو آهي. ان جو مطلب هي آهي ته نماز اهڙي جاءِ تي بيهي پڙهو! جتان مقامِ ابراهيم توهان جي ۽ ڪعبي شريف جي وچ ۾ رهي. حضرت عبدالله بن عَمرو رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: خَیْرُ الْمَسْجِدِ خَلْفَ الْمَقَامِ وَ عَنْ یَمِیْنِ الْاِمَامِ يعني سجدو ڪرڻ لاءِ 2 جايون بهترين آهن: (1): مقامِ ابراهيم جي پٺيان واري جاءِ (2) امام جي ساڄي پاسي واري جاءِ.)[2](
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي هتي غور ڪريو! جنهن انداز تي الله پاڪ مقامِ ابراهيم کي مصلّو بڻائڻ جو حڪم ڏنو آهي، ڇا ڪو سوچي سگهي ٿو ته مقامِ ابراهيم سامهون هجي ۽ ٻانهو ان طرف رخ ڪري نماز پڙهي رهيو هجي ۽ ان جي دل ۾ ان جي نفرت به موجود هجي؟ نه...!! نه...!! هرگز نه! ٻانهو جڏهن به مقامِ ابراهيم طرف رخ ڪري نماز پڙهندو، يقينن ان جي دل ۾ هن مبارڪ پٿر جي تعظيم ئي هوندي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami