Share this link via
Personality Websites!
مقامِ ابراهيم اهو بابرڪت پٿر آهي، جنهن کي نبي حضرت ابراهيم عَلَیْہِ السَّلَام سان نسبت ٿي وئي آهي، بس انهيءَ نسبت هن پٿر کي اهڙو عظيم بڻائي ڇڏيو آهي جو هي پٿر هوندي به شفا بخش به بڻجي ويو ۽ ان جي ويجهو دعائون به قبول ٿينديون آهن.
هاڻي هتان ئي غور ڪريو! جڏهن ابراهيمعَلَیْہِ السَّلَام سان نسبت رکندڙ پٿر شفا ڏيندڙ ٿي سگهي ٿو، ان جي ويجهو دعائون قبول ٿينديون آهن ته ابراهيم عَلَیْہِ السَّلَام جي آقا، امامُ الۡانبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سان نسبت رکندڙ مديني جي مٽي ڇو نه خاڪِ شفا هوندي...!! جڏهن هڪ پٿر شفا ڏيندڙ ٿي سگهي ٿو مشڪل ڪُشا ٿي سگهي ٿو ته امامُ الانبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو ڪلمو پڙهڻ وارا اشرفُ المخلوقات انسان، تمام نيڪ ٻانها يعني الله پاڪ جا ولي ڇو نه شفا ڏيندڙ بڻجندا، جڏهن هڪ پٿر کي ڇوهڻ سان شفا ملي سگهي ٿي، ته غوثِ پاڪ جي دم فرمائڻ سان، داتا حضور جي هٿ لڳائڻ سان، خواجه حضور جي ڪرم فرمائڻ سان ۽ اعليٰ حضرت جهڙن وليُ الله جي نگاهن سان ڇو نٿي شفا ملي سگهي، سندن قرب ۾، سندن مزارات جي ويجهو دعائون قبول ڇو نه ٿينديون؟ يقيناً شفا ڏيندڙ ذات الله پاڪ جي ئي آهي دعائون الله پاڪ ئي ٻڌندو ۽ قبول فرمائيندو آهي پر جيئن هي پٿر يعني مقامِ ابراهيم شفا جو ذريعو ۽ قبوليت جو وسيلو آهي، ائين ئي صحابهءِ ڪرام، اولياءِ ڪرام ۽ سندن تبرڪات به شفا ملڻ، مشڪلاتون ٽرڻ ۽ دعائون قبول ٿيڻ جو وسيلو آهن، مولانا حسن رضا خانرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو شان بيان ڪندي لکن ٿا:
جن و اِنسان و ملک کو ہے بھروسا تیرا سرورا مَرْجِع کل ہے درِ والا تیرا
اچھے اچھے ہیں ترے در کی گدائی کرتے اُونچے اُونچوں میں بٹا کرتا ہے صدقہ تیرا
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami