Share this link via
Personality Websites!
هو، پر ڇوته هي ڪمرو طواف ۾ رڪاوٽ بڻبو هو ان ڪري هاڻي ان جي جاءِ تي هڪ خاص شيشي جو کوپو تيار ڪيو ويو آهي. پٿر کي شاندار ڪرسٽل ۾ رکي آسپاس سونَ جي پاڻيءَ واري ڄاري لڳائي وئي. ٻاهر 10 ملي ميٽر اهڙو شيشو لڳايو ويو جيڪو Bullet Proof سان گڏوگڏ Heat Proof (گرمي کان محفوظ) به آهي. *خوش نصيب اڄ به هن مبارڪ پٿر جي زيارت ڪندا آهن.
ڪتابن ۾ لکيل آهي: حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم 3 ڀيرا هن مبارڪ پٿر تي بيٺا هئا(1) : هڪ ڀيرو جڏهن پاڻ پنهنجي صاحبزادي حضرت اسماعيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم سان ملڻ لاءِ ملڪِ شام کان مڪي پاڪ تشريف کڻي آيا، ان وقت حضرت اسماعيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم گهر ۾ موجود نه هئا، سندن گهرواري حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جو ادب ڪيو ۽ هڪ پٿر آڻي رکيو جنهن تي ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم بيٺا.)[1]( (2): ٻيو ڀيرو جڏهن خانهءِ ڪعبه تعمير فرمائي رهيا هئا، ديوارون جڏهن مٿي ٿي ويون ته پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ان پٿر تي بيٺا، هن بابرڪت پٿر جو هيءُ شان هو جو جيئن ديوارون مٿي ٿينديون وينديون هيون پٿر به مٿي ٿيندو ويندو هو، پوءِ جڏهن ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کي هيٺ لهڻو هوندو هو ته هي هيٺ ٿي ويندو هو (3): جڏهن حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ڪعبي جي تعمير مڪمل فرمائي ورتي ته ربّ ڪريم فرمايو: اي ابراهيم! ماڻهن ۾ حج جو اعلان ڪريو. پاڻ ان ئي پٿر تي بيهي اعلان فرمايو، )[2](
روايتن ۾ آهي: هن اعلان کي قيامت تائين ايندڙن ٻڌو، جنهن جنهن لَبَيۡڪ چيو، اهو حج جي سعادت ماڻيندو آهي، جنهن هڪ ڀيرو لَبيڪ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami