Share this link via
Personality Websites!
وَ اتَّخِذُوْا مِنْ مَّقَامِ اِبْرٰهٖمَ مُصَلًّىؕ-
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ (اي مسلمانو!) توهان ابراهيم جي بيهڻ جي جڳھ کي نماز جي جاءِ بڻايو. (سيپارو: 1، البقرة: 125)
هي مقامِ ابراهيم ڇا آهي؟ هي هڪ پٿر آهي. روايتن ۾ آهي ته خانهءِ ڪعبه جي تعمير دوران جڏهن ڀِتِيون مٿي کان اوچون ٿيڻ لڳيون ته حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم حضرت اسماعيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کي اهڙو پٿر آڻڻ جو فرمايو جنهن تي بيهي تعميراتي ڪم ڪري سگهن. جيئن ته پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ويجھو ئي موجود دنيا جي پهرين جبل ابو قبيس ڏانهن تشريف کڻي ويا، رستي ۾ حضرت جبرائيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم مليا ۽ ابو قبيس ۾ موجود 2 مبارڪ پٿر ڏيکاريا. هي پٿر حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم سان گڏ جنت مان دنيا ۾ آيا هئا، پر حضرت ادريس عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم طوفانِ نوح جي خوف کان انهن کي ابو قبيس جبل ۾ لڪائي ڇڏيو هو. حضرت جبرائيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم هڪ پٿر خانهءِ ڪعبه ۾ لڳائڻ ۽ ٻئي پٿر تي بيهي تعميراتي ڪم ڪرڻ جو عرض ڪيو. جيئن ته جنهن پٿر کي خانهءِ ڪعبه ۾ لڳايو ويو ان کي حجرِ اسود چيو ويندو آهي ۽ جنهن پٿر تي بيهي حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم تعميراتي ڪم ڪيو ان کي مقامِ ابراهيم (يعني ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي بيهڻ جي جاءِ) چيو ويندو آهي.)[1](
* هي پٿر خانهءِ ڪعبه کان تقريباً سوا 13 (13.25) ميٽر پري اوڀر طرف جلوه فرما آهي. ان تي حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي قدمن جا نشان اڃا تائين موجود آهن. * پٿر ۾ هر قدم جي ڊيگهه 22 سينٽي ميٽر ۽ ويڪر 11 سينٽي ميٽر آهي جڏهن ته هڪ قدم جي گهرائي (اندريون حصو) 10 سينٽي ميٽر ۽ ٻئي جي 9 سينٽي ميٽر آهي. * 20 هين صدي عيسوي ۾ هن پٿر کي چاندي جي صندوق ۾ رکي مٿان هڪ گنبد جهڙو 18 مربع ميٽر جو ڪمرو بڻايو ويو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami