Share this link via
Personality Websites!
پسند آھي، يَعْدِلُ صِيَامُ كُلِّ يَوْمٍ مِنْهَا بِصِيَامِ سَنَةٍ ھنن ڏينھن ۾ هڪ ڏينهن جو روزو ھڪ سال جي روزن جي برابر آھي ۽ وَقِيَامُ كُلِّ لَيْلَةٍ مِنْهَا بِقِيَامِ لَيْلَةِ الْقَدْرِ ھنن ڏينھن ۾ ھر رات جو قيام (جاڳي عبادت ڪرڻ) شَبِ قدر جي قيام برابر آھي. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! اي عاشقانِ رسول! ھي 10 ڏينھن ڄڻ ته نيڪين جي لاءِ بهار جو موسم آھن. اسان کي گھرجي ته ھنن ڏينھن کي غنيمت سمجهي، خوب نيڪيون ڪريون. فرض نماز ته پڙھڻي ئي پڙهڻي آھي* نوافل به پڙھون * نفلي عبادت ڪريون* تلاوت ڪريون * الله جو ذڪر ڪريون، بلڪه حق ته هي آهي ته راتين جو جاڳي عبادت ڪريون ڇوته رات جي عبادت وڌيڪ پسنديده آھي.
پيارا آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم نفلي روزا رکندا هئا
پيارا اسلامي ڀائرو! مسلمانن جي امڙ حضرت حفصه رَضِیَ اللہُ عنہا فرمائن ٿيون: رسولِ اڪرم، نُورِ مجسم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم عشرهءِ ذِي الحج ۾ پابنديءَ سان نفلي روزا رکندا ھئا. ([2])
خيال رھي ته! عشرهءِ ذِي الحج جي روزن جو مطلب ذوالحج جي شروعاتي 9 ڏينھن جا روزا آھن، ڇوته 10 ذوالحج (يعني عيد الاضحيٰ) جو روزو رکڻ جائز نه آھي.[3]
اي عاشقانِ رسول! ڪاش! اسان به نيڪين جا حريص بڻجي وڃون. اسان جا
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami