Share this link via
Personality Websites!
تنھنجي حڪم اڳيان پنهنجو سِرُ جهڪايان ٿو. ([1])
ڪتابن ۾ لکيل آھي ته : جڏھن حضرت ابراھيم عليہ السلام اِھي لفظ چيا ته فرشتن به روئي ڏنو ۽ انهن الله پاڪ جي بارگاهه ۾ عرض ڪيو: مولا! ھي تنھنجا نبي آھن، هنن مان ھڪ تنھنجي رضا خاطر مُنھَن ڀَر ليٽو پيو آھي ۽ ٻيو تنھنجي رضا خاطر ذبح ڪرڻ لاءِ تيار آھي۔ پوءِ الله پاڪ حضرت اسماعيل عليہ السلام جي فِديي ۾ جنتي گهَيٽو ڏياري موڪليو۔ ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! ھن عظيم الشان قربانيءَ وقت انھن ٻنھي بلند مرتبي وارن نبين جي دل جي اصل ڪيفيت ڪهڙي ھئي، اُها ته نه اسان ڄاڻي سگھون ٿا ۽ نه ئي اُن تائين پھچي سگھون ٿا، پر ھي روايتون انهن ڪيفيتن جون ڪجھ جھلڪيون ڏيکاري رھيون آھن۔ حضرت ابراھيم عليہ السلام جڏھن قرباني ڪري رھيا ھئا ۽ حضرت اسماعيل عليہ السلام جڏھن قربان ٿيڻ لاءِ تيار ھئا ته سندن نگاهن جي اڳيان دنيا نه ھئي، پنھنجي واھ واھ نه ھئي، پنھنجو مقام، مرتبو ۽ تعريف ڪجھ به مقصود نه ھو۔ سندن دليون صرف ھڪ ئي شيءِ لاءِ تڙپي رھيون ھيون ته: الله پاڪ اسان کان راضي ٿي وڃي۔ معلوم ٿيو ته قربانيءَ جو اصل فلسفو (Basic philosophy) ئي الله پاڪ جي رضا حاصل ڪرڻ آھي۔ تنھنڪري جڏھن اسان قرباني ڪريون ته: * دل ۾ اخلاص جو جذبو ھجڻ گهرجي * لِلٰھِيت ھجڻ گهرجي * اسان جي نظر ۾ نه پنھنجي تعريف مقصود ھجي * نه واھ واھ ھجي * نه ئي ڏيکاءُ ھجي * ھڪ پاسي جانور جي ڪَنڌَ تي ڇُري ھلي رهي ھجي ۽ ٻئي پاسي اسان الله پاڪ جي رضا
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami