Share this link via
Personality Websites!
یٰبُنَیَّ اِنِّیْۤ اَرٰى فِی الْمَنَامِ اَنِّیْۤ اَذْبَحُكَ فَانْظُرْ مَا ذَا تَرٰىؕ- (پارو: 23، سورة صٰفٰتِ: 102)
ترجموڪنزالعرفان: اي منهنجا پٽ! مون خواب ۾ ڏٺو ته مان توکي ذبح ڪري رهيو آهيان. هاڻي تون ڏَس ته تنهنجي ڇا راءِ آهي؟
ڪتابن ۾ لکيل آھي ته: جڏھن حضرت ابراھيم عَلَيۡهِ السَّلَام اِئين فرمائي رھيا ھئا ته شھزادي جو چھرو ٻَهڪڻ لڳو ۽ جسم تي ڏَڪڻِي طاري ٿي وئي۔ حضرت ابراھيم عَلَيۡهِ السَّلَام پڇيو: پٽ! ڇا ڳالھ آھي؟ هيءَ چھري تي خوشي ڇا جي آھي؟ جسم تي ڏَڪڻي ڇو طاري آھي؟ ھاڻي شھزادي جو جواب ٻڌو: عرض ڪيائون بابا سائين! مان قربان ٿي ويس ته پنھنجي رب جي حضور ۾ حاضر ٿي ويندس، ھن فاني دنيا مان رخصت ٿي جنت ۾ پھچي ويندس۔ الله پاڪ منھنجي باري ۾ ھي حڪم ان ڪري ته ڏنو آھي جو اُھو رب ڪريم مون کان راضي آھي۔ بيشڪ رب جي بارگاہه ۾ جيڪي نعمتون تيار آھن، اُھي ھن دنيا ۽ هِن دنيا ۾ جيڪو ڪجھ آھي، کان گهڻيون بھتر آھن. (بس اِنهيءَ خوشيءَ سبب چھرو ٻَهڪِي رھيو آهي.) ([1])
عیدِ قرباں جذبۂ ایثار کا اِظْہار ہے یہ اطاعت کا خلیلُ اللہ کی معیار ہے
ہے یہ تسلیم و رضا کی ایک لافانی مِثال جان دینے کے لیے فَرزند بھی تیار ہے
باپ کا حُسْنِ عَمَل، بیٹے کا ذَوقِ اِتِّباع اس مِثالی دَاستاں کا مرکزی کِردار ہے
پيارا اسلامي ڀائرو! ھيءَ آهي اُھا مبارڪ ڪيفيت جيڪا حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام جي پاڪ دل تي طاري ھئي. قربانيءَ جي وقت سندن چھرو خوشيءَ وِچان ٻَهڪِي رھيو ھو. ڪهڙي ڳالهه جي خوشي؟ اِن ڳالهه جي ته اڄ مان
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami