Share this link via
Personality Websites!
بچندي: اُها آهي * اسان جي دل جو اخلاص * اسان جي تقويٰ * اسان جي دل ۾ موجود اطاعت جو جذبو * اسان جي دل ۾ موجود پنھنجي رب جي محبت ... !! جيڪڏھن اهڙيون مقدس ڪيفيتون موجود آھن ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! قرباني قبول ئي قبول آھي۔ پر جيڪڏھن ائين نه آهي * اخلاص جي جاءِ تي ڏيکاءُ آھي * تقويٰ جي جاءِ تي گوشت حاصل ڪرڻ مقصد آھي* ۽ رب جي محبت جي جاءِ تي پنھنجي سخاوت جو اظھار ڪرڻ مقصود آھي ته پوءِ معاملو مشڪل ٿي سگھي ٿو۔
پياري نبي، رسولِ ہاشمي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: جنھن خوشدليءَ سان ۽ خالص الله پاڪ جي رِضا جي لاءِ قرباني ڪئي، سندس قرباني ان جي لاءِ دوزخ کان رڪاوٽ بڻجي ويندي۔ ([1])
معلوم ٿيو ته قرباني ڪرڻ وقت دل ۾ اخلاص جو هئڻ به ضروري آھي۔ صرف ۽ صرف الله پاڪ جي رضا تي نظر رکي قرباني ڪئي ويندي ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! برڪتون ئي برڪتون نصيب ٿينديون۔
حضرت اِسمَاعيل عَلَیْہ السَّلام جي هڪ مبارڪ ڪيفيت
پيارا اسلامي ڀائرو! جڏھن حضرت ابراھيم عليہ السلام پنھنجي شھزادي حضرت اسماعيل عليہ السلام کي مِنيٰ ۾ وٺِي ويا ۽ کين پنھنجو خواب ٻڌايو، ارشاد فرمايائون:
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami