Share this link via
Personality Websites!
رھيا ھئا * توھان جانور خريد ڪيو، ماڻھو توهان کي ڏسي رھيا ھئا * توھان جانور گھر آندو، ماڻھو توهان کي ڏسي رھيا ھئا * توھان جانور جي سارَ سنڀال لَڌِي، ماڻھو توهان کي ڏسي رھيا ھئا * توھان منھنجي نالي تي جانور ذبح ڪيو، ماڻھو توهان کي ڏسي رھيا ھئا * توھان جانور جو گوشت پاڻ به، پچايو ۽ کاڌو ۽ ماڻھن ۾ به وِرهائي ڇڏيو، ماڻھو توهان کي ڏسي رھيا ھئا۔ مطلب ته جانور خريد ڪرڻ کان وٺي قربان ڪري گوشت کائڻ ۽ تقسيم ڪرڻ تائين توھان جا سمورا اعمال ماڻهن جي سامهون ھئا، پر ھن سڄي وقت ۾ ھڪ شيءِ جيڪا منھنجي ۽ توھان جي وچ ۾ ھئي، اُھا توھان جي دل جي ڪيفيت آھي. ۽ توھان جي عمل جي قبوليت جو فيصلو توھان جي دلي ڪيفيت تي ڪيو ويندو. هي ڏٺو ويندو ته توھان جي دل ۾ تقويٰ ھئي يا نه؟ الله پاڪ وٽ جيڪا قبول آھي، اُھا، هي ئي دل جي تقويٰ آھي۔ ([1])
اي عاشقانِ رسول! ھاڻي اسان غور ڪريون ته: * جڏھن اسان جانور خريد ڪرڻ ويا ھئاسين ته اسان جي دل ۾ ڪھڙي نيت ھئي؟ ڇا جانور خريد ڪرڻ وقت دل ۾ اِھا نيت هئي ته ماڻھو ڇا چوندا؟ يا اِھو جذبو ھو ته رب جي نالي تي بھتر کان بھتر جانور قربان ڪندس؟ * جڏھن جانور ڪاهي اچي محلي ۾ پھتا ھئا ۽ ماڻھن واھ واھ ڪئي ھئي ته ان وقت اوهان جي دل جي ڪيفيت ڪھڙي ھئي؟ * جڏھن دوستن ۽ پاڙيسرين پڇيو ھو ته جانور گهڻي ۾ خريد ڪيو اٿئي ته ان وقت دل جي ڪيفيت ڪھڙي ھئي؟ * جڏھن ٻين جا جانور ڏسي پنھنجي جانور ۽ ٻين جي جانورن جي ڀيٽ ڪري رھيا ھئا ته ان وقت دل جي ڪيفيت ڪھڙي ھئي؟ مطلب ته اسان جي قربانيءَ ۾ گوشت جيڪو آهي اُهو اسان کائي ڇڏينداسين يا ماڻھن ۾ وِرهائي ڇڏينداسين، رت کي مِٽي چوسي ويندي، کَلَ ڪنھن مدرسي کي ڏئي ڇڏينداسين، ھڪ شيءِ باقي وڃي
[1]...علم القلوب، باب حكم النیۃ فی الاعمال، الایۃ الاولیٰ فمن ذلک قولہ جل ثناؤ...الخ، صفحہ:166 مفصلاً۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami