Share this link via
Personality Websites!
طريقو آهي.
سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو ته صرف ختمِ قُل شريف، ڏَهون، چاليھو وغيره ئي نه پر ماءُ پيءُ جي حقن مان آھي ته اولاد کين پنھنجي ھر نيڪيءَ ۾ شامل ڪري، جيڪا به نيڪي ڪري، ان جو ثواب پنهنجي والدين کي پھچائيندو رھي. تنھنڪري جيڪڏهن الله پاڪ طاقت ڏني ھجي ته ماءُ پيءُ جي ايصالِ ثواب لاءِ الڳ سان قرباني ڪريو! ۽ جيڪڏھن ايتري طاقت نه ھجي ته پنھنجو واجب ادا ڪريو ۽ ان جو ثواب مرحوم والدين کي ايصال ڪري ڇڏيو!
پيارا آقا جانور وِرهائيندا هئا
پيارا اسلامي ڀائرو! قرباني جي حوالي سان ھڪ ٻي پياري پياري اداءِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم هيءَ به آھي ته پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم صحابه ڪِرام رَضِیَ اللہُ عنہم ۾ جانور وِرهائيندا ھئا. حضرت عقبه بن عامر رَضِیَ اللہُ عنہ کان روايت آھي، فرمائن ٿا ته: ھڪ ڀيري محبوبِ ذيشان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم مون کي ٻَڪرِيون (Goats) عطا فرمايون ۽ فرمايو: ھنن کي صحابهءِ ڪِرام رَضِیَ اللہُ عنہم ۾ ورهائي ڇڏ..!! مون سڀني ۾ ٻَڪريون ورهائي ڇڏيون، ھڪ ٻڪري بچي پئي، مان اُها واپس کڻي حاضر ٿيس، پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: اِھا توھان رکو! ۽ پنھنجي طرفان قرباني ڪري ڇڏيو...!![1]
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! اسان جا آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ڪيڏا نه سخي آھن...!! ڪاش! اسان کي به اهڙي سعادت ملي وڃي، جن کي رب ڪريم طاقت ڏني آھي، انهن کي گھرجي ته پنهنجي وَسَ آهر ٻڪريون ۽ وڏا جانور خريد ڪري غريبن ۾ وِرهائن. بلڪه امير اھل سنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَہ ته ايتري تائين
[1] بخاری، کتاب الاضاحی، باب فی اضحیۃ النبی صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ...الخ، صفحہ:1415، حدیث:5555۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami