Share this link via
Personality Websites!
ڪري ڇڏيو!
پيارا اسلامي ڀائرو! محبوبِ ذيشان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ھر سال پنهنجي امت جي طرفان قرباني فرمائيندا ھئا. ھِن اداءِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم مان معلوم ٿيو ته ايصالِ ثواب نه صرف جائز آھي پر سنت آھي ۽ هي به معلوم ٿيو ته ايصال ثواب صرف مُئلن کي نه پر زندهه ماڻھن ۽ ايندڙ نسلن کي به ڪري سگھجي ٿو.
روايتن ۾ آھي ته: سرڪارِ عالي وقار صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ميت جي لاءِ ايصالِ ثواب جي ترغيب ڏياريندا ھئا. ([1]) ھڪ صحابيه رَضِیَ اللہُ عنہا جن کي بنتِ عَفِيف چيو ويندو ھو، فرمائن ٿيون: اسان جڏھن بارگاہهِ رسالت ۾ حاضر ٿياسين ته پاڻ سڳورن صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم اسان کان هن ڳالھ تي بيعت ورتي ته اسان پنھنجن فوت ٿي ويلن لاءِ فاتحه پڙھندا رھنداسين. ([2])
سُبْحٰنَ اللہ! هِن مان اندازو لڳايو ته نبي ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ايصالِ ثواب کي ڪيڏي اھميت ڏيندا ھئا. پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم صحابهءِ ڪِرام رَضِیَ اللہُ عنہم کان باقاعدہ بيعت ورتي ته ميت جي لاءِ سورت فاتحه جي تلاوت ڪندا رھندا.
ڇا مُئَلَن کي ثواب پهچندو آهي؟
صحابيءِ رسول حضرت انس بن مالڪ رَضِیَ اللہُ عنہ فرمائن ٿا: مون عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم! منھنجا ماءُ پيءُ اوھان تان قربان ٿين ...!! اسان
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami