Share this link via
Personality Websites!
وارو ظالم آهي [1]* جيڪو قدرت هجڻ جي باوجود اوڌر نه موٽائي، ان جي عمل نامي ۾ تيسيتائين گناهه لکيا ويندا آهن، جيستائين هو قرض ادا نه ڪري ڇڏي.[2] * قرض موٽائڻ ۾ ٽال مٽول ڪرڻ شيطاني ڪم آهي[3] * الله پاڪ جي راهه ۾ شهيد ٿيندڙ جو هر گناهه معاف ڪيو ويندو، سواءِ قرض جي.[4] * جيڪو قرض ادا ڪرڻ کانسواءِ فوت ٿي وڃي، ان جي باري ۾ فرمايو ويو: مؤمن جي جان قرض جي ڪري معلق رهندي آهي(يعني جنت ۾ وڃڻ کان روڪي ويندي آهي يا بلند درجات کان روڪي ويندي آهي) ايستائين جو ان جو قرض ادا ڪيو وڃي[5]* جيڪڏهن ڪو شخص قرض ادا ڪرڻ کانسواءِ وفات ڪري ويو ته قيامت جي ڏينهن ان جون نيڪيون قرض خواهن کي ڏنيون وينديون، ٽن پيسن جي قرض جي بدلي ۾ ست سؤ (700) باجماعت نمازون ڏيڻيون پونديون. جڏهن قرض دٻائيندڙ وٽ نيڪيون نه رهنديون ته قرض خواهن جا گناهه مقروض جي مٿي تي رکيا ويندا ۽ کيس باهه ۾ اڇلايو ويندو.[6]
قرض نه موٽائڻ جي گناھ کان بچڻ جا ڪجھ طريقا
* قناعت اختيار ڪريو! يعني پهرين ته اها ڪوشش ڪريو ته ڪنهن کان ڪا شيءِ وٺڻي ئي نه پوي، الله پاڪ جيتري عطا فرمائي آهي، ان ۾ گذارو ڪرڻ جي عادت بڻايو ۽ اوڌر صرف ۽ صرف ان صورت ۾ وٺو جڏهن ان کانسواءِ ٻيو ڪو چارو نه هجي * جيڪڏهن اڌار کڻڻ ئي پوي ته ان کي جلد کان جلد لاهڻ جي ڪوشش ڪيو! ڇو ته قرض هڪ بار آهي، جنهن جي ڪري ماڻهو سماج ۾ به رسوا ٿي سگهي ٿو ۽ جنت ۾ وڃڻ کان به روڪيو ويندو آهي. * جڏهن قرض کڻو ته ان کي واپس موٽائڻ جي پڪي نيت به لازمي ڪري وٺو! حديث پاڪ ۾ آهي: قرض کڻڻ وقت جنهن جي نيت قرض ادا ڪرڻ جي هجي ته قرض جي ادائيگي جي
[1] بخاری ،كتاب فی الاستقراض واداء الدیون ...الخ،باب مطل الغنی الظلم ،صفحہ:618،حديث:2400،ملخصًا۔
[2] شعب الایمان ،باب فی ان یحب المسلم لاخیہ ...الخ ،جلد:7،صفحہ:530،حدیث:11232۔
[3] الجامع الصغير ،صفحہ:204،حديث :3405۔
[4] مسلم ، کتاب الامارۃ،باب من قتل فی سبيل اللہ...الخ، صفحہ:754،حديث،1886،ملخصًا۔
[5] ترمذي، كتاب الجنائز ، باب ماجاء عن النبی انہ قال ... الخ، صفحہ:280حدیث: 1079۔
[6] فتاوی رضویہ ،جلد:25،صفحہ: 69۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami