Share this link via
Personality Websites!
عارضي طور تي ورتل) جانور واپس ڪيو وڃي.[1]
(1)قرض موٽائڻ فرض[2] ۽ قدرت (طاقت) هجڻ جي باوجود قرض موٽائڻ ۾ ٽال مٽول ڪرڻ [3] يا دٻائي رکڻ، بلڪل ئي ادا نه ڪرڻ، حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي.[4] (2) قرض جي ادائيگي لاءِ ڪمائڻ فرض آهي[5] (3) جنهن کان قرض ورتو ويو، جيڪڏهن اهو زنده آهي ته کيس ئي قرض موٽائڻو پوندو ۽ جيڪڏهن هو وفات ڪري چڪو آهي، ته ان جي وارثن کي ڏيڻو پوندو، جيڪڏهن وارث نه ملن ته کين ڳوليو، ڳولڻ جو حڪم ان وقت تائين آهي جيستائين ملڻ جي اميد هجي، جيڪڏهن نه ملي سگهن ته محتاج مسلمانن کي ان جي طرفان صدقو ڪرڻو پوندو. (4)[6] جيڪڏهن قرض جي ادائيگي کان عاجز (بيوس) هجي ته دير ڪرڻ جائز آهي. [7] عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته جڏهن حالتن جي ڪري قرض جي ادائيگي ۾ دير ٿي رهي هجي ته ماڻهو قرض ڏيندڙ کان منهن لڪائڻ لڳندا آهن، هي انداز درست ناهي، جيڪڏهن توهان قرض ادا نه ٿا ڪري سگهو ته قرض ڏيندڙ سان ملو ۽ ان کان وڌيڪ مهلت وٺي ڇڏيو! هن طرح قرض ۾ دير جي گناهه کان به بچي ويندؤ ۽ معاشري ۾ رسوائي به نه ٿيندي. (5) عاريت (يعني عارضي طور) ورتل شيءِ جهڙي ورتي هئي، اهڙي ئي موٽائڻ واجب آهي.[8]
* قرض نه موٽائڻ سان محبتون گهٽجي وينديون آهن ۽ دلين ۾ دوريون پيدا ٿينديون آهن * احاديث سڳورين جي مطابق *قرض موٽائڻ ۾ ٽال مٽول ڪرڻ
[1] سنن ابن ماجہ ،ابواب الصدقات ،باب العاریۃ،صفحہ:384حدیث :2398۔
[2] الحدیقۃ الندیۃ،جلد؛1،صفحہ:455 ۔
[3] مرقاه المفاتيح ،كتاب البیوع ،باب الافلاس والانتطار ،جلد:6،صفحہ:107،تحت الحدیث :2907۔
[4] فتاوی مفتی اعظم :5،صفحہ:88۔
[5] الحدیقۃ الندیۃ،جلد؛1،صفحہ:455 ۔
[6] فتاویٰ مصطفویہ،صفحہ:428-429،ملخصاً ۔
[7] مرقاۃ المفاتیح ،كتاب البیوع ،باب الافلاس والانتطار ،جلد:6،صفحہ:107،تحت الحدیث :2907۔
[8] درر الحکام شرح مجلۃ الاحکام، جلد3، صفحہ82، دار الجیل ۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami