Share this link via
Personality Websites!
علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: ھن آيت ۾ اَرْضُ اللہ مان مراد مدينو پاڪ آھي۔([1]) مطلب هي آھي ته ھجرت کان بعد جيڪي ماڻھو مڪي پاڪ ۾ ئي رھي پيا ھئا، موت جي وقت فرشتا انهن کي چوندا آھن: مدينو پاڪ جيڪا الله پاڪ جي خاص زمين آھي، ڇا اُھا وسيع نه ھئي؟ بلڪل ھئي، پوءِ توھان اوڏانهن ڇو نه ويا، توھان ھجرت ڇو نه ڪئي؟
ھن مان مديني جا ٻه شان معلوم ٿيا: (1): مدينو الله پاڪ جي خاص الخاص زمين آھي. (2): ٻيو هي ته مدينو ڏاڍو وسعت وارو شھر آھي، سڄي دنيا جي غريبن کي هتي ئي پناهه ملندي آهي.
مدینے کے خطّے خُدا تجھ کو رکھے غریبوں، فقیروں کے ٹھہرانے والے[2]
ھڪ مقام تي الله پاڪ فرمايو:
وَ الَّذِیْنَ هَاجَرُوْا فِی اللّٰهِ مِنْۢ بَعْدِ مَا ظُلِمُوْا لَنُبَوِّئَنَّهُمْ فِی الدُّنْیَا حَسَنَةًؕ- (سيپارو: 14، سورة نحل: 41)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ جن الله جي واٽ ۾ پنهنجا گهرَ ٻار ڇڏيا ان کان پوءِ جو انهن تي ظلم ڪيو ويو پوءِ ضرور اسان انهن کي دنيا ۾ چڱي جاءِ ڏينداسين
الله پاڪ صحابهءِ ڪِرام رَضِیَ اللہُ عنہم سان واعدو فرمايو ته کين دنيا ۾ رھڻ لاءِ حَسَنَہ (يعني سٺِي جاءِ) عطا ڪئي ويندي ۽ پوءِ اِهو واعدو ڪيئن پورو ڪيو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami