Share this link via
Personality Websites!
پر ڪنھن جو به نالو مدينو نه آھي۔ مدينو صرف ھڪ ئي آھي۔ آخر ڪهڙو سبب آھي؟ جو ٻيا شھر ته آھن پر انهن جو نالو مدينو (يعني شھر) نه آھي؟ علماءِ ڪرام ان جا ٻه سبب لکيا آھن۔ فرمائن ٿا: مَدِیْنَہ جو ھڪ مطلب اطاعت ڪرڻ به آھي، تنهنڪري وڏو شھر جتي سلطان جي رھائش ھجي، ان کي مَدِیْنَہ چيو ويندو آھي ڇوته اتي سلطان جي اطاعت ڪئي ويندي آهي، ان ڪري جيئن ته ٻنهي جھانن جا سلطان، شھنشاہِه ڪَون و مڪان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم مديني پاڪ ۾ تشريف فرما آھن، ڪوئي ڪيترو به وڏو ڇو نه ھجي، بادشاہه ھجي يا غلام، سڀئي ھتي اطاعت ئي ڪندا آھن۔ ان ڪري ان کي مَدِیْنَہ چوندا آهن.
میرے آقا کا وہ دَرْ ہے جس پر ماتھے گھس جاتے ہیں سرداروں کے[1]
ٻيو سبب علماءِ ڪرام هي لکيو آھي ته شھر آباديءَ سان ھوندا آھن۔ حقيقت ۾ آباد صرف ۽ صرف مدينو پاڪ ئي آھي * هي ئي اُھو مبارڪ شھر آھي جيڪو سڀني شھرن جو سردار آھي * هتان جون ئي ھوائون سڀني ھوائن کان پاڪيزه آھن * هتان جي ئي نُورَ جا ڪِرڻا سڀني شھرن کي روشن ڪري رھيا آھن، ان ڪري هِن کي مَدِیْنَہ (يعني شھر) چيو ويندو آھي.[2]
پہاڑوں میں بھی حُسْن، کانٹے بھی دلکش بہاروں نے کیسا نکھارا مدینہ
ہے شاہ و گَدَا، مُفْلِس و اَغْنِیا کا بِلا رَیْب سب کا گزارا مدینہ
اُسے سیرِ گلشن سے کیا ہو سروکار کِیا جس نے تیرا نظارہ مدینہ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami