Share this link via
Personality Websites!
پر کانئس واپس اچڻ وِسري ويو، ٽن ڏينھن کان پوءِ کيس ٻيھر ياد آيو، جڏھن هُو اُنهيءَ جاءِ تي پھتو ته هي ڏسي حيران ٿي ويو ته پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم 3 ڏينھن گذرڻ جي باوجود به اُتي ئي تشريف فرما ھئا ۽ مَاشَآءَ اللہ! شفقت ۽ رحمت ۽ حسنِ اخلاق ڏسو! جو پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم کيس دڙڪا نه ڏنا ۽ نه ئي ڪاوڙ جو اظهار فرمايو، بس ايترو فرمايائون: اي شخص! تو مون کي مشقت ۾ وِجهي ڇڏيو۔ ([1]) الله پاڪ اسان کي به سنتِ سرڪار صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم تي عمل ڪندي واعدا پورو ڪرڻ وارو بڻائي۔ اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
مختلف سنتون ۽ آداب سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب بهار شريعت جلد: 3 مان حصو 16 ۽ شيخ طريقت، امير اهل سنت مولانا الياس قادري دَامَتْ بَرَکاتُہُمُ الْعَالِیَہ جو 91 صفحن تي مشتمل رسالو 550 سنتون ۽ آداب خريد فرمايو ۽ پڙهو. سنتون سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر ڪرڻ به آهي.
قرض ہو گا ادا آکے مانگو دعا پاؤ گے برکتیں قافلے میں چلو
قَرْض کا بار ہو، بے کسی یار ہو چاہو گر راحتیں قافلے میں چلو
الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami