Share this link via
Personality Websites!
469356
9048
به ان جي ترغيب ڏياريو۔
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ زندگيءَ جا ڪجهه آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان. تاجدارِ رسالت، شهنشاههِ نبوت صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِيَ فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
2 فرامينِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم : (1): جيڪو واعدو پورو نه ٿو ڪري، ان جو ڪو ايمان نه آھي۔([2])
(2): جيڪو مسلمان پنھنجي ڀاءُ سان واعدي خلافي ڪندو آهي، ان تي الله پاڪ ۽ فرشتن ۽ سڀني انسانن جي لعنت آھي۔ ([3])
اي عاشقانِ رسول! واعدو پورو ڪرڻ سنتِ مصطفيٰ بلڪه سنتِ انبياء آھي * اسان جا آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم واعدي جا ڏاڍا پڪا ھئا ۽ * واعدو ٽوڙڻ کي سخت ناپسند فرمائيندا ھئا * اعلانِ نبوت کان اڳ ۾ ھڪ ڀيري ڪنهن شخص کين عرض ڪيو: اوھان هتي ترسو! مان اِجهو واپس اچان ٿو، اُهو شخص ھليو ويو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami