Share this link via
Personality Websites!
نيڪ اعمال جو رسالو ملڻ جي برڪت سان الحمد للہ! انهن کي نماز پڙھڻ جو جذبو مليو ۽ با جماعت نماز جي ادائيگيءَ لاءِ مسجد ۾ حاضر ٿي ويا ۽ ھاڻي پنجن وقتن جا نمازي ٿي چڪا آھن، ڏاڙھي مبارڪ به سجائي ڇڏيائون ۽ پابنديءَ سان نيڪ اعمال جي رسالي ذريعي پنهنجن عملن جو جائزو وٺندا آھن۔
نیک اعمال کے عامل پہ ہر دَم ہر گھڑی یاالہٰی!خوب برسا رحمتوں کی تُو جھڑی
مدني قاعدھ (Madani Qaida) موبائِل ايپلي ڪيشن
پيارا اسلامي ڀائرو! قرآن ڪريم جو فيضان عام ڪرڻ لاءِ دعوتِ اسلامي جي I.T ڊپارٽمينٽ ھڪ موبائل ايپلي ڪيشن مدني قاعدھ (Madani Qaida) جي نالي سان جاري ڪئي آھي. ھن ايپلي ڪيشن ۾ مڪمل مدني قاعدو ۽ ان جي آڊيو (Audio) شامل ڪئي وئي آھي يعني ھن ايپلي ڪيشن ۾ اوھان مدني قاعدي جي جنھن حرف يا جنهن به لفظ تي ڪلڪ (Click) ڪندا ته آڊيو (Audio) ۾ ان جو تلفظ ھلندو، اهڙي طرح ھن ايپلي ڪيشن جي مدد سان آسانيءَ سان مدني قاعدو پڙھي، ان جي مشق (Practice) ڪري درست مخارج ۽ ضروري تجويد سِکي سگھجي ٿي۔ ھن ايپلي ڪيشن ۾ مدني قاعدي جي سمورن سبقن جي وڊيو ريڪارڊنگ به ڏسي سگھجي ٿي۔ هيءَ ايپلي ڪيشن پنھنجي سمارٽ فون ۾ انسٽال ڪري ڇڏيو، پاڻ به فائدو حاصل ڪريو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو۔
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami