Share this link via
Personality Websites!
قربانيءَ جون کَلُون دعوتِ اسلامي کي ڏيو !
پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد للہ! دعوتِ اسلامي اسلام ۽ مسلمانن جي خدمت ۾ مصروفِ عمل آھي، انهن نيڪ ڪمن ۾ اوھان به پنھنجو حصو شامل ڪريو! عيدالاضحيٰ ويجهي آھي، عاشقانِ رسول قربانيءَ جي سعادت حاصل ڪندا۔ التجا آھي ته پنھنجي قربانيءَ جي جانور جي کَلَ دعوتِ اسلامي کي ڏيندا! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! توھان جي لاءِ صدقهءِ جاريه ٿي ويندو۔ ان سان گڏوگڏ پنھنجي گهٽِي ۾، محلي ۾، پنھنجن عزيزن ۽ رشتيدارن کي فون وغيره ڪري به کين اهڙي ترغيب ڏياريو! پنھنجي ڪوشش سان کَلُون جمع ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جون به برڪتون حاصل ٿينديون، حديث پاڪ ۾ آھي: جنھن ڪنھن ڀلائيءَ ڏانھن رھنمائي ڪئي، ان به کي ان ڀلائيءَ تي عمل ڪرڻ واري جيترو ثواب ملندو۔ ([1])
اَلحَمۡدُلله! قربانيءَ جي ڏينھن ۾ ڪيترائي عاشقانِ رسول دعوتِ اسلامي لاءِ کَلُون جمع ڪرڻ جو بندوبست ڪندا آھن۔ اهڙن اسلامي ڀائرن جي لاءِ ڪجھ احتياط پيش خدمت آھن: * الله پاڪ جي رضا خاطر کَلُون جمع ڪريو * اُن دوران نمازن جي پابندي فرمايو * بدبوءِ واري لباس سان مسجد ۾ وڃڻ کان بچو، ان جي لاءِ ھڪ صاف سٿرو جوڙو پاڻ سان گڏ رکو * مسجد ۽ مدرسي وغيره کي رت کان بچايو * جيڪو ڪنھن ٻئي اداري کي کَلَ ڏيڻ جو واعدو ڪري چڪو آهي، ان کي واعدي خلافيءَ جو ذھن نه ڏيو * ڪنھن سان ڪاوڙ جو اظھار نه ڪريو * کَلَ ڏيڻ واري جو بهتر انداز سان شڪريو ادا ڪريو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami