Share this link via
Personality Websites!
ويندو، پر مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي عشق جو ڪمال ڏسو! طبيعت ناساز، جسماني طور ڪافي ڪمزوري ۽ هاڻي ته ھوائي جھاز تي سفر ٿيندو آھي، ھندستان کان ڪجھ ئي ڪلاڪن ۾ مديني پاڪ پھچي سگھجي ٿو، اُن وقت بحري جھاز ۾، سمنڊ جي رستي سفر ٿيندو ھو، مديني پاڪ پھچڻ ۾ ڪيترائي ڏينھن لڳي ويندا ھئا، اهڙي صورتحال هئڻ جي باوجود سچي عاشقِ رسول، مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه دوستن ۽ احبابن جي عرض ڪرڻ تي عشقِ رسول ۾ بي خود ٿي فرمايو: مديني طيبه جي ارادي سان پير گهَر جي دروازي کان ٻاھر رکي ڇڏيان، پوءِ چاھي روح اُن ئي وقت پرواز ڇو نه ڪري وڃي. ([1])
شوق روکے نہ رُکے پاؤں اُٹھائے نہ اُٹھے کیسی مشکِل میں ہیں اﷲ تَمَنَّائی دوست ([2])
وضاحت: يا الله! محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ حاضريءَ جي تمنا آھي، شوق ايڏو آهي جو دل رڪجي ئي نه ٿي، حال هي آهي جو پير کڻي نه ٿو سگهان، ھلڻ دشوار آھي، الٰهي! ڏاڍي مشڪل آھي، منھنجي مدد فرماءِ۔
مولانا نقي علي خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنھنجي شھزادي اعليٰ حضرت، امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ۽ گھر جي ڪجھ ٻين ڀاتين کي ساڻ ڪري حج لاءِ روانا ٿي ويا۔ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: سرڪارِ مڪه مڪرمه، سردارِ مدينه منورہ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم خواب ۾ تشريف آڻي پنھنجي سچي عاشق، مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي ھڪ پيالي ۾ دوا عطا فرمائي، اُها دوا پيئڻ جي برڪت سان مرض
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami