Share this link via
Personality Websites!
ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! وليءِ ڪامل جو فيضان نصيب ٿيندو۔ اچو ته سندن عشقِ مدينه جو ذڪر ٻڌون:
عاشقِ رسول جو سفرِ مدينه (حڪايت)
1295 ھجريءَ جي ڳالھ آھي، شوال جو مھينو ھو، والدِ اعليٰ حضرت مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڏاڍا بيمار ٿي پيا، سندن جسم جي ظاھري طاقت ۾ ڪافي ڪمزوري پيدا ٿي وئي هئي، اهڙي حالت ۾ ھڪ ڏينھن پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه آرام فرمائي رهيا ھئا، سندن ظاھري اکيون بند ھيون پر قسمت بيدار ھئي، دل جون اکيون کُليل ھيون، مڪي مدني آقا، بگڙيل کي بڻائڻ واري آقا، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم ڪرم فرمايو ۽ پنھنجي سچي عاشق جي خواب ۾ تشريف کڻي آيا۔
سَرِ بالیں، انہیں رَحْمت کی ادا لا ئی ہے حال بگڑا ہے تو بیمار کی بَن آئی ہے
سرڪارِ نامدار، مڪي مدني تاجدار صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم پنھنجي سچي عاشق کي حڪم فرمايو ته مديني هليا اچو…! بس پوءِ ڇا ھو، مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي اک کُلي، توڙي جو سندن طبيعت ناساز ھئي، ظاھري جسماني طاقت ۾ ڪافي ڪمزوري ھئي پر مدني آقا، محبوبِ خدا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم حڪم فرمائي چڪا ھئا، تنهنڪري مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فوراً حج ۽ مديني پاڪ جي حاضريءَ جو پڪو ارادو فرمايو۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي دوستن احبابن ۽ اھلِ خانه وغيره کين تمام گهڻو سمجهايو ته: عالي جاھ …!! اوهان جي طبيعت ٺيڪ نه آھي، هَلَڻ ڦرڻ به مشڪل آھي، جيڪڏهن ايندڙ سال به تشريف وٺي ويا تڏهن به سرڪار عالي وقار، مدني تاجدار صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي حڪم تي عمل ٿي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami