Share this link via
Personality Websites!
الله پاڪ جي حبيب، طبيبن جي طبيب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم حديث پاڪ ۾ فرمايو: غُبَارُ الْمَدِيْنَۃِ شِفَاءٌ مديني پاڪ جو غبار (يعني دَزَ) باعثِ شفا آھي۔ ([1]) * ھڪ حديث پاڪ ۾ ته پياري نبي، مڪي مدني صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم قسم سان فرمايو: وَالَّذِيْ نَفْسِيْ بِيَدِهٖ اُن ذات جو قسم جنھن جي قبضهءِ قدرت ۾ منھنجي جان آھي اِنَّ فِيْ غُبَارِھَا شِفَاءً مِّنْ کُلِّ دَآءٍ بيشڪ مديني پاڪ جي غبار ۾ ھر بيماريءَ جي شفا آھي۔([2])
خاڪِ مدينه جي برڪت سان شِفا ملڻ جون 2 حڪايتون
* شيخ مَجدُ الدّين فيروز آبادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: منھنجي غلام کي ھڪ سال کان بخار ھو، مون خاڪِ شِفا کنئي ۽ پاڻيءَ ۾ (ٿوري) ملائي کيس پياري ڇڏي، اَلحَمۡدُلله! اُنھيءَ ڏينھن ئي هن کي شِفا ملي وئي۔ ([3]) * شيخ عبد الحق محدث دھلوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مان مديني پاڪ ۾ حاضر ھئس، ڪنھن مرض جي سبب منھنجو پيرُ سُڄي ويو، طبيبن اُن کي خطرناڪ مرض قرار ڏنو ۽ علاج کان به ھٿ روڪي ڇڏيائون، پوءِ مان مديني پاڪ جي خاڪِ شفا کڻي، ان کي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ته اَلحَمۡدُلله! ڪجهه ئي ڏينھن ۾ وڏي آسانيءَ سان سوڄ ختم ٿي وئي. ([4])
سُبْحٰنَ اللہ! اي عاشقانِ رسول! مديني پاڪ جي مبارڪ مٽي ۾ الله پاڪ هي تاثير رکيو آھي ته ان جي برڪت سان جسم جا ظاھري مرضَ به ٺيڪ ٿيندا
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami