Share this link via
Personality Websites!
خير! سيدہ عائشہ رَضِیَ اللہُ عنہا فرمائن ٿيون: ڪنھن صحابي رَضِیَ اللہُ عنہ کي ڪا تڪليف ٿي ويندي هئي ته بارگاہهِ رسالت ۾ حاضر ٿيندا ھئا۔ ھاڻي پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جو انداز مبارڪ ڪهڙو ھو؟ فرمائن ٿيون: پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم پنھنجي آڱُر مبارڪ تي ٿورو پنهنجو لُعاب پاڪ (يعني پنھنجي ٿُڪَ شريف) لڳائي ان ۾ مديني جي مٽي شريف ملائيندا ھئا ۽ زخم تي لڳائي فرمائيندا ھئا:
بِسْمِ اللَّهِ تُرْبَةُ اَرْضِنَا بِرِيقَةِ بَعْضِنَا لِيُشْفَى سَقِيمُنَا بِاِذنِ رَبِّنَا
ترجمو: الله پاڪ جي نالي سان، اسان جي شھر جي مِٽِي، اسان جو لُعاب شريف الله پاڪ جي عطا سان اسان جي بيمارَن کي شِفا ڏيندو۔[1]
مشھور مفسرِ قرآن، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي فرمان جو خلاصو آھي: پھريان نبي اڪرم، نور مجسم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم مرض جي جاءِ تي پنهنجي آڱر رکندا ھئا، پوءِ آڱر تي پنھنجو لُعاب شريف لڳائيندا ھئا، بعد ۾ مٽي لڳائيندا ھئا ۽ ان جو ليپ تڪليف واري جاءِ تي لڳائيندا ھئا ۽ چوندا ويندا ھئا: الله پاڪ جي حڪم سان اسان جو لُعاب ۽ مديني جي مِٽِي شِفا آھي۔ ([2])
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! رسولِ اڪرم، نور مجسم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم کي مديني پاڪ سان ڪيڏي نه محبت ھئي، ھن مقدس شھر جي مِٽيءَ سان پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم کي ڪيترو نه گھَرو ۽ سنجيده لڳاءُ ھو۔
ھن حديث شريف مان هي به معلوم ٿيو ته مديني جي مِٽِيءَ ۾ شِفا آھي۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami