Share this link via
Personality Websites!
فرمائيندا ھئا، مديني شريف جي درن ۽ دِيوارن کي ڏسي سندن چھري پاڪ تي خوشي ڇانئجي ويندي ھئي۔
مُوَطَّا امام امالڪ جيڪو حديث پاڪ جو سڀ کان پھريون ڪتاب آھي۔ عظيم عاشقِ رسول حضرت امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اُن ۾ حديثون جمع ڪيون آھن۔ ھن مبارڪ ڪتاب ۾ ھڪ روايت آھي، ھڪ ڀيري ڪنھن جو انتقال ٿي ويو، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم سندس جنازي نماز پڙھائي، ميت کي قبرستان آندو ويو، اڃان تائين قبر تيار ٿي رھي ھئي، تنهنڪري رسولِ خدا، احمد مجتبيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم تشريف فرما ٿي، قبر تيار ٿيڻ جو انتظار فرمائڻ لڳا۔ ايتري ۾ ھڪ صحابي رَضِیَ اللہُ عنہ قبر جي اندر جھاتي پائي ڏٺو ۽ چيائين: بِئْسَ مَضْجَعُ الْمُؤْمِنِ يعني هي مؤمن جو ڪيڏو نه بُرو ٺڪاڻو آھي۔
محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جڏھن اِها ڳالھ ٻڌي ته فرمايو: توھان خراب ڳالھ چئي آھي۔ عرض ڪيو ويو: يا رسول اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم ! منھنجو اِهو مقصد نه ھو۔ مان ته هي پئي چوڻ چاھيو ته جيڪڏهن هنن کي شھادت جو موت نصيب ٿئي ته ڇا ڳالھ ھئي۔ پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: شھادت جو ته مثال ئي نه آھي، پر! مَا عَلَى الْاَرْضِ بُقْعَةٌ ھِيَ اَحَبُّ اِلَيَّ اَنْ يَکُوْنَ قَبْرِي بِھَا هي خطو (يعني مدينو پاڪ) زمين جو اُهو خِطو آھي جيڪو سڄي دنيا جي ڀيٽ ۾ مون کي وڌيڪ پسند آھي، تنهنڪري منھنجي قبر ھتي ئي ٺاھي وڃي۔ ([1])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami