Share this link via
Personality Websites!
هي ته اهي نعمتون آهن جيڪي سڀني کي ملي رهيون آهن، پر جيڪو بارگاههِ رسالت ۾ حاضر ٿي ويندو آهي، ان جي متعلق دستور هي آهي ته ان جي عطائن ۾ بلڪل ڪمي ناهي، جيڪو چاهيندو آهي. اهو پنهنجي ظرف مطابق وڏا انعام ماڻيندو آهي، ڪنهن عاشق چيو هو:
کوئی مَنْصُوْر، کوئی بَن کے غَزالی آئے
ان کے دربار سے ہو کر جو سُوالی آئے
يعني رسولِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي درٻار اها آهي، جو * اتي منصور وڃي ته امام منصور بڻجي موٽندا آهن، * محمد بن محمد وڃي ته امام محمد غزالي بڻجي واپس موٽندا آهن، * حَسن سنجري وڃي ته خواجه معين الدين بڻجي موٽندا آهن، * احمد رضا وڃن ته امامِ اهلسنت بڻجي ايندا آهن: مطلب ته جنهن جو جيتري قدر ظرف آهي، جيتري قدر ٿانءُ آهي، اهو اوتريون ئي عطائون حاصل ڪندو آهي ۽ پنهنجي جهولي ڀري ئي موٽندو آهي.
هي اهي عطائون آهن جيڪي ظرف جي مطابق ملنديون آهن، پر ان سان گڏوگڏ ڪيتريون ئي عطائون اهڙيون به آهن جيڪي هر وڃڻ واري کي ملنديون آهن، ان ۾ ماڻهن جو ڪوبه فرق ناهي، * وقت جو غوث وڃي ته ان کي به اهي انعام ملندا، * نهايت ئي گنهگار وڃي، ان کي به اهي انعام ملندا، *امير وڃي، * غريب وڃي، * فقير وڃي، * رئيس وڃي، * بادشاهه هجي يا غلام، جيڪو به درٻارِ رسالت ۾ پهچي ويندو آهي، اهو انعام ضرور ماڻيندو آهي. اهي جيڪي انعامات آهن جيڪي درٻارِ رسالت مان هر
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami