Share this link via
Personality Websites!
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِله! نهايت ئي فضيلت وارو مهينو ذوالحج شريف اچي رهيو آهي، هي مبارڪ مهينو وڏي عظمت ۽ فضيلت وارو آهي. حديث پاڪ ۾ آهي: سَيِّدُ الشُّهُورِ رَمَضَانُ، وَاَعْظَمُهَا حُرْمَةً ذُو الْحِجَّةِ يعني مهينن جو سردار رمضانُ المبارڪ آهي ۽ حرمت توڙي عزت جي لحاظ کان سڀ کان وڌيڪ عظمت وارو مهينو ذوالحج شريف آهي.[1]
حضرت ڪعبُ الاحبار رَضِیَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: الله پاڪ زماني کي اختيار فرمايو، پوءِ الله پاڪ وٽ سڀ کان محبوب زمانو حرمت وارا 4 مهينا (ذوالقعده، ذوالحج، مُحرم ۽ رجب) آهن، انهن مهينن مان الله پاڪ کي سڀ کان وڌيڪ محبوب ذوالحج شريف آهي ۽ ذوالحج شريف ۾ ان جا شروعاتي 10 ڏينهن (جن کي عشرهءِ ذوالحج چيو ويندو آهي) الله پاڪ کي سڀ کان وڌيڪ محبوب ڏينهن آهن.[2]
سُبْحٰنَ الله! اي عاشقانِ رسول! ذوالحج جي شروعاتي 10 ڏينهن نهايت بابرڪت آهن، اهي الله پاڪ جي بارگاهه ۾ تمام گهڻو پسنديده آهن، ايتري قدر جو الله پاڪ قرآنِ مجيد ۾ انهن ڏينهن جو قسم کنيو آهي، ارشاد ٿئي ٿو:
وَ الْفَجْرِۙ(۱) وَ لَیَالٍ عَشْرٍۙ(۲)
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami