Share this link via
Personality Websites!
آهي ته حضرت احمد ڪبير رفاعي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيْه جڏهن حج کان فارغ ٿي مديني منوره ۾ روضي انور تي حاضر ٿيا ته عربيءَ ۾ ٻه شعر پڙهيائون، جن جو ترجمو هي آهي: (1): دوريءَ جي حالت ۾ مان پنهنجي روح کي حضور جي خدمت ۾ موڪليندو هئس، پوءِ اهو منهنجو نائب بڻجي آستاني مبارڪ کي چمندو هو (2): ۽ هاڻي جسم سان حاضر ٿي ملڻ جي واري آئي آهي، تنهنڪري پنهنجو هٿ مبارڪ عطا فرمايو! ته مان ان کي چمڻ جي سعادت حاصل ڪريان، جيئن ئي شعر ختم ٿيا ته پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو هٿ مبارڪ قبرِ انور مان ٻاهر نڪتو، ۽ سيد احمد ڪبير رفاعي رَحمۃُ اللهِ عَلَيه ان کي چمڻ جي سعادت حاصل ڪئي.[1]
واہ کیا جُود و کَرَم ہے شہِ بَطحا تیرا
نہیں سُنتا ہی نہیں مانگنے والا تیرا([2])
وضاحت: اي مڪي شريف جا بادشاھ، سلطانِ دوجهان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان جي سخاوت ۽ مهرباني جا ڇا ته شانَ آهن، اوهان جي درِ اقدس جي سوالي ڪڏهن انڪار جو لفظ ئي ناهي ٻڌو، هميشه عطا ئي ڪيو ويندو آهي، اوهان جو پاڪ در اهڙو در آهي جو گهرڻ وارو ڪڏهن به خالي ناهي موٽيو.
امام ابوبڪر بن مُقري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: امام طَبراني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيْه حضرت اَبُوشيخ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيْه ۽ مان، اسان ٽئي مديني منوره ۾ حاضر هئاسين، 2 ڏينهن
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami