Share this link via
Personality Websites!
حاضرين روضي پاڪ مان سلام جو جواب ٻڌو
شيخ اَبونَصر عبدُالواحد رَحمةُ اللهِ عَليه فرمائن ٿا: مان حج کان فارغ ٿي مديني پاڪ آيس ۽ روضي انور تي حاضر ٿيس، حجري شريف جي ويجهو ويٺو هئس ته حضرت شيخ ابوبڪر دِيار بِڪري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيْه تشريف کڻي آيا ۽ چهرهءِ انور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي سامهون بيهي عرض ڪيائون: اَلسَّلامُ عَلَيْکَ يَا رَسُولَ الله! ته مون ۽ تمام حاضرين ٻڌو ته روضي انور جي اندران آواز آيو: وَعَلَيْکَ السَّلامُ يَا اَبَا بَکْرٍ[1]
وہ سَلامت رہا قِیامت میں پڑھ لئے جِس نے دِل سے چارسلام
اس جَوابِ سلام کے صدقے تاقِیامت ہوں بے شمار سلام([2])
وَعَلَیْکَ السَّلامُ یَا وَلَدِیْ
سيد نورُالدين اِيجِي رَحمةُ اللهِ عَليه جڏهن روضي پاڪ تي حاضر ٿيا ته عرض ڪيائون: اَلسَّلامُ عَلَیْکَ اَیُّھا النَّبِیُّ وَرَحْمَۃُ اللہِ وَبَرَکاتُہٗ جيترا ماڻهو ان وقت اتي حاضر هئا، انهن سڀني ٻڌو ته روضهءِ انور مان جواب آيو: وَعَلَیْکَ السَّلامُ یَاوَلَدِیْ (اي منهنجا پٽ! تو تي به سلام هجي!).[3]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami