Share this link via
Personality Websites!
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
سکڻ سيکارڻ جي حلقن ۾ ياد ڪرائڻ واري دعا
اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ الَّذِیْ کَسَانِیْ مَآ اُوَارِیْ بِہٖ عَوْرَتِیْ وَ اَتَجَمَّلُ بِہٖ فِیْ حَیَاتِیْ
ترجمو: الله پاڪ جو شڪر آهي جنهن مون کي اهو ڪپڙو پارايو جنهن سان مان پنهنجو ستر لڪايان ٿو ۽ زندگي ۾ ان سان زينت حاصل ڪريان ٿو. [1].
اجتماعي جائزي جو طريقو (72 نيڪ اعمال)
(1): سٺيون سٺيون نيتون ڪيون؟ (2): پنج ئي نمازون باجماعت ادا ڪيون؟ (3): هر نماز کان پهريان نماز جي دعوت ڏني؟ (4): رات جو سُوْرَةُ الْمُلْک پڙهي يا ٻڌي ورتي؟ (5): هر نماز کان پوءِ آيت الڪرسي، تسبيحِ فاطمه ۽ سُوْرَۃ الْاِخلاص پڙهي؟ (6): ڪنز الايمان مان 3 آيتون يا صِراطُ الجنان مان 2 صفحا ترجمي ۽ تفسير سان پڙهيا يا ٻڌا؟ (7): شجري جا اوراد پڙهيا؟ (8): 313 ڀيرا دُرُود شريف پڙهيو؟ (9): اکين کي گناهن کان بچايو؟ (10): ڪَنَن کي گناهن کان بچايو؟ (11): فضول نظري کان بچندي نگاهون جهڪائي رکيون؟ (12): 12 منٽ مڪتبة المدينه جو اصلاحي ڪتاب پڙهيو؟ (13): اذان ۽ اقامت جو جواب ڏنو؟ (14): غصي جو علاج ڪيو؟ (15): پنهنجو جائزو ورتو؟ (16): پنهنجي نگران جي اطاعت ڪئي؟
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami