Share this link via
Personality Websites!
(1): مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2): دُعا ياد ڪرڻ: 5 منٽ (3): فڪرِ مدينه: 5 منٽ ڪُل وقت: 15 منٽ
اڄ جي سکڻ ۽ سيکارڻ وارن حلقن ۾ 72 نيڪ اعمال مان هڪ عمل سُنت جي مطابق لباس پائڻ جي باري ۾ مفيد معلومات فراهم ڪئي ويندي ۽ نئون لباس پائڻ وقت جي دعا ياد ڪرائي ويندي. آخر ۾ نيڪ اعمال جي رسالي مان اجتماعي جائزو پڻ ورتو ويندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!
فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: مون تي ڪثرت سان درود پاڪ پڙهو بيشڪ توهان جو مون تي درود پاڪ پڙهڻ توهان جي گناهن جي لاءِ بخشش آهي. ([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! پيارا اسلامي ڀائرو! اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَہ طرحين طرحين جي ناجائز فيشنن کان پيڇو ڇڏائڻ، گناهن کان بچڻ ۽ سنتن مطابق زندگي گذارڻ لاءِ اسلامي ڀينرن، اسلامي ڀائرن ۽ طلباء وغيره لاءِ سوالن جي صورت ۾ نيڪ عملن جا مختلف رسالا ترتيب ڏنا آهن. اڄ اسان 72 نيڪ عملن جي رسالي مان نيڪ عمل نمبر 25 جي باري ۾ سکنداسين.
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami