Share this link via
Personality Websites!
سان ڇا ٿيندو؟ ڇو ائين ڪري رهيو آهين؟ جواب ملندو آهي:
لِلّٰہِ، يعني مان ڪجهه نه ٿو ڄاڻان، بس جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهيان، الله پاڪ جي لاءِ ڪري رهيو آهيان
* جنهن جو وارَن ٺاهڻ جو اسٽائيل (Hairstyle) ئي هزارن جو هو، وارَ ڪٽرائڻ تي جيڪو ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳائي ڇڏيندو هو، هاڻي ڦَڻِي به نه ڏئي رهيو آهي ته متان وارَ نه ٽُٽِي پون۔ ڇو؟
* ميدانِ عرفات ۾ پهچي ويا، اُتي ڇا ڪيو؟ بس دعائون گهريون، ٻيو ڪجهه به نه ڪيو * مزدلفه ۾ پهتا، اتي ڇا ڪيو؟ ڪجهه به نه، کليل ميدان ۾ رات گذاري، فجر جي نماز پڙهي، دعائون گهريون ۽ هلي پيا! *مِنيٰ پهتا، جمرات (يعني پٿر جا جيڪي مينار) ٺهيل آهن، انهن کي پٿريون هڻي ڇڏيون! * روز شيمپو (Shampo) لڳائي وار وَڌايا هئا، نرم ۽ ملائم هئا، هِتي اچي حلق ڪرائي ڇڏيو * ڪعبو شريف جنهن جي باري ۾ هر مسلمان جو عقيدو آهي ته هتي الله پاڪ رهندو نه آهي، هُو ته جسم کان پاڪ آهي، مڪان کان پاڪ آهي، ان جي باوجود هن پٿر جي گهر جي چوڌاري ڦِري رهيا آهن؟ اي ڀاءُ! هي ڇا ڪري رهيا آهيو؟ ڇو ڪري رهيا آهيو؟ الله پاڪ ته هر جاءِ تي ٻڌندو آهي، پوءِ دعائون گهرڻ لاءِ عرفات ئي ڇو آيا آهيو؟ ڇو هِي ديوانن جهڙو حليو اپنايو ٿا ...؟ هنن ڪمن جي لاءِ لکين رپيا ڇو خرچ ڪيا؟ جواب هڪ ئي ملندو آهي:
لِلّٰہِ، مان ٻانهو آهيان، اهو منهنجو الله پاڪ آهي، بس ان فرمايو ۽ مان شروع ٿي ويس۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami