Share this link via
Personality Websites!
رکيو ويندو آهي * زڪوات به الله پاڪ جي لاءِ ادا ڪئي ويندي آهي پر حج ۾ جيئن ته عشق جو غلبو آهي، هتي بندگيءَ جو غلبو آهي، تنهنڪري فرمايو ويو:
وَ لِلّٰهِ (سيپارو: 4، سورة آل عمران: 97)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ الله جي لاءِ
يعني جيئن ته هُو الله آهي ۽ توهان سندس ٻانها آهيو، حڪمت سمجهه ۾ اچي يا نه اچي، الله پاڪ فرمايو آهي، بس ديوانگي سان اُٿو ۽ حج جي لاءِ نڪري پئو...!![1]
حاجين جي عشق جي اظهار جو انداز
سُبْحٰنَ اللہ! ڇا ته شان آهي...!! اوهان ڏسو ته * اهو ئي شخص جيڪو ڪپڙا سبرائڻ تي هزارين رپيا خرچ ڪندو آهي، ٿورو لباس ۾ گهُنج اچي وڃي ته سندس مزو خراب ٿي ويندو آهي، اهو ئي شخص سِبيل لباس لاهي ٻه ڪفن جهڙيون چادرون پائي رهيو آهي۔ جڏهن کانئس پڇيو ويندو آهي ته اي ڀاءُ...!! ائين ڇو ڪري رهيو آهين؟ سِبيل لباس ڇو لاهي ڇڏيو اٿئي؟ ته جواب ملندو آهي:
لِلّٰہِ، الله پاڪ جي لاءِ ائين ڪري رهيو آهيان
* جيڪو صبح شام خوشبو لڳائيندو هو، هزارين رپين جا ماهوار عطر (Perfumes) خريد ڪندو هو، بار بار صابڻ (Soap) سان هٿ ڌوئيندو رهندو هو، هاڻي خوشبودار شيءِ کي هٿ به نه ٿو لڳائي۔ اي ڀاءُ! ڇو؟ خوشبو لڳائڻ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami