Share this link via
Personality Websites!
سُبْحٰنَ اللہ! اي عاشقانِ رسول! اوهان ڏٺو ته معذور حاجيءَ جو جذبو ڪيڏو نه زبردست آهي، معذور (يعني هلڻ کان لاچار) هئڻ جي باوجود ريڙهيون پائي به ڪعبي شريف جي زيارت جي شوق ۾ وڃي رهيو آهي، 10 سالن کان مڪي پاڪ جي طرف سندس سفر جاري هو، ان جي جذبي ۽ همت تي لکين سلام. هن واقعي ۾ اسان جي لاءِ به وڏي عبرت آهي، اهي نادان مسلمان جيڪي * صحتمند ۽ تندرست هجڻ جي باوجود * مال ۽ دولت هئڻ جي باوجود * استطاعت هئڻ جي باوجود سفرِ حج جي سعادت حاصل نه ٿا ڪن۔ معذور حاجي رِڙَهندي رِڙَهندي وڃي رهيو هو، ان کي گهر مان نِڪتي 10 سال ٿي ويا هئا ۽ اڃان به سفر ۾ هو ۽ نادان مسلمان فقط ڪجهه ڪلاڪن جو سفر ڪرڻ جي به همت نه ٿا ڪن۔
ڪاش! اسان کي حج جو شوق نصيب ٿي وڃي، ڪاش...! اسان جي دل ۾ به محبتِ الٰهِي ۽ عشقِ رسول جي شمع اهڙي طرح ٻري پئي جو اسان سڀ ڪجهه ڇڏي الله ۽ رسول جي حڪم تي عمل ڪندي حج فرض هئڻ جي صورت ۾ حج لاءِ وڃون ۽ جيڪڏهن حج فرض نه هجي ۽ الله پاڪ نفلي حج ڪرڻ جي طاقت ڏني هجي ته اي ڪاش! بار بار وڃون۔
شَرَف دے حج کا مجھے میرے کبریا یَارَبّ! روانہ سُوئے مدینہ ہو قافِلہ یَارَبّ!
دکھا دے ایک جھلک سبز سبز گنبد کی بس اُن کے جلوؤں میں آجائے پھر قضا یَارَبّ!
بَوقتِ نَزع سلامت رہے مِرا ایماں مجھے نصیب ہو توبہ ہے اِلتجا یَارَبّ! ([1])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami