Share this link via
Personality Websites!
کان لاچار، ريڙهيون پائي مڪي پاڪ ڏانهن وڃي رهيو هو۔ مون کي تمام گهڻي حيرت ٿي ته هي ڪهڙو نه عجيب ماڻهو آهي، هلڻ کان معذور آهي پر پوءِ به ڪيڏي نه شوق ۽ وارفتگي سان مڪي پاڪ ڏانهن وڃي رهيو آهي۔
مان سندس ويجهو ويس ۽ کانئس پڇيو: ڀاءُ! ڪٿان آيا آهيو؟ چوڻ لڳو: مان سمرقند (Samarkand) کان اچي رهيو آهيان۔ (سمرقند ازبڪستان جو هڪ صوبو آهي ۽ موجوده نقشي مطابق سمرقند کان مڪي پاڪ جو فاصلو لڳ ڀڳ 4 هزار 4 سؤ 30 ڪلوميٽر آهي) ايترو ڊگهو سفر ۽ اهو شخص هلڻ کان معذور، ريڙهيون پائيندي وڃي رهيو آهي. حضرت شفيق بَلخي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مون کي تمام گهڻي حيرت ٿي ۽ مون ان کان پڇيو: ڪيترو عرصو ٿيو آهي جو سمرقند کان هليو آهين؟ چوڻ لڳو: 10 سال ٿي چڪا آهن. اِهو ٻڌي تعجب ۽ حيرت جي انتها نه رهي، حضرت شفيق بلخي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه حيرت ۾ گهوري ڪري ان خوشنصيب عاشقِ رسول ڏانهن ڏسڻ لڳا۔ هُن پڇيو: اي شفيق! ڇا ٿا ڏسو؟ فرمايائون: مان تنهنجي ڪمزوري ۽ سفر جي ڊيگهه کان تمام گهڻو حيران آهيان، ان خوشنصيب عاشقِ رسول ڏاڍو پيارو جواب ڏنو، چوڻ لڳو: اي شفيق بلخي! سفر جي دُورِيءَ کي منهنجو شوق گهٽائي ڇڏيندو ۽ جيسيتائين ڳالهه منهنجي ڪمزوري جي آهي ته منهنجي ڪمزوري جو سهارو منهنجو مالڪ ۽ مولا آهي. ([1])
فاصلوں کو تکلُف ہے ہم سے اگر ہم بھی بے بس نہیں بے سہارا نہیں
خود اُنہی کو پکاریں گے ہم دور سے راستے میں اگر پاؤں تھک جائیں گے
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami