Share this link via
Personality Websites!
انهن جهڙو نيڪ ۽ بااخلاق شخص نه هوندو...!! پوءِ تون سندن صحبت کان محرومي ڇو ٿو چاهين؟ پاڙيسريءَ وراڻيو: اُهي اڪثر روئيندا رهندا آهن، انهن سان منهنجو سفر خوشگوار نه ٿي سگهندو۔ فرمائن ٿا ته مون پنهنجي پاڙيسري کي سمجهايو ته اُهي تمام سٺا بزرگ آهن، نيڪ آهن، تقويٰ وارا آهن، سندن صحبت تنهنجي لاءِ تمام گهڻو فائديمند ٿيندي۔ اِهو ٻڌي هُو انهن سان گڏ سفر ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويو۔
خير! سفر شروع ٿيو، حج جو قافلو مڪي پاڪ ڏانهن روانو ٿي ويو۔ جڏهن اُهي واپس موٽي آيا ته مان پنهنجي پاڙيسري وٽ ويس، هُن منهنجو شڪريو ادا ڪندي چيو: الله پاڪ اوهان کي جزاءِ خير عطا فرمائي، مون حضرت بُہيم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جهڙو ماڻهو ڪڏهن نه ڏٺو آهي، مان مالدار آهيان، هُو غريب آهن، ان جي باوجود به هُو مون تي خرچ ڪندا هئا، هُو پِيرسن هئڻ باوجود نفلي روزا رکندا هئا، مون جهڙي بي روزائت جوان لاءِ کاڌو تيار ڪندا هئا ۽ منهنجي تمام گهڻي خدمت ڪندا هئا۔
حضرت مُخَوَّل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مون کانئن پڇيو: اوهان حضرت بُہيم رحمۃُ اللہِ علیہ جي روئڻ کان تمام گهڻو پريشان هئا، هاڻي اوهان جو ڇا خيال آهي؟ پاڙيسريءَ چيو: شروعات ۾ صرف مان ئي نه پر ٻيا قافلي وارا به انهن جي گهڻي روئڻ کان گهٻرائجي ويندا هئا، پر آهستي آهستي سندن صحبت جي برڪت سان اسان تي به رقّت طاري ٿيڻ لڳي، انهن سان گڏجي اسان به (خوفِ خدا ۽ عشقِ مصطفيٰ ۾ روئندا هئاسين. ([1])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami